Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

ٽيبليٽس ۽ ٻيو عيش و راحت جو ساز و سامان فراهم ڪن ٿا، انهن جون ڳريون فيسون به خوشي سان ڀرن ٿا، پنهنجي اَولاد جي شادين تي به پاڻي وانگر پيسو هلائن ٿا، پر هاءِ! پنهنجي گهٽي، محلي، علائقي، برادري، شهر يا ملڪ ۾ موجود محتاج ۽ ضرورت مند رشتيدارن خاص ڪري ڀنيرن سان سٺو سُلوڪ ڪرڻ، انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ انهن کي وراثت مان حِصَّو ڏيڻ تائين انهن کي پسند ناهي هوندو۔ بالفرض ڀينرون پنهنجي حق جو مطالَبو ڪرن ته ويچارين کي ڊپ ڌاٻا ڏئي خوف زده ڪري، ته تنهنجي شادي ۾ اسان ايترو ايترو خرچ ڪيو اهو چئي ڪري ماٺ ڪرايو ويندو آهي۔ يقيناً اهو اسلامي تعليمات جي سَراسَر خلاف آهي۔ هن معامَلي ۾ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڪيزه ڪردار اسان جي لاءِ مشعلِ راھ آهي، نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي رَضاعي (کير شريڪ) ڀيڻ سان ڪيتري قدر شفقت ڀريو سُلوڪ فرمايائون۔ اچو! هن جون ڪجھ ايمان افروز جھلڪيون مُلاحَظه ڪريو، جيئن

رَضاعي ڀيڻ سان حُسنِ سُلوڪ

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه تان جاري ڪيل اپريل 2017 جي ”ماهنامه فيضانِ مدينه“ جي صَفحي نمبر 46 تي آهي: نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي رَضاعِي (کير شريڪ) ڀيڻ حضرت شَيمَاء رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنها سان هيئن حُسنِ سُلُوڪ فرمايايو:(1) اُنهن جي لاءِ قِيام فرمايائون (يعني بيهي رهيا) (سبل الھدي و الرشاد، ۵/۳۳۳ ملتقطاً و ملخصاً) (2)پنهنجي مُبارَڪ چادر وڇائي ان تي ويهاريائون ۽ (3) هي اِرشاد فرمايائون: گُھر، توکي عطا ڪيو ويندو، سِفارش ڪر، تنهنجي سِفارش قَبول ڪئي ويندي۔ (دلائل النبوۃ للبيهقي،۵/۱۹۹ملتقطاً) هن مثالي ڪرم نوازي دَوران پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارَڪ اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا، (4) هي به اِرشاد فرمايائون: جيڪڏهن چاهين ته عزّت ۽ احترام سان اسان وٽ رهه،(5) واپس موٽڻ لڳيون ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي (3) غلام، هڪ لونڊي ۽ هڪ يا ٻه (2) اُٺ به عطا ڪيائون، (6) جڏهن جِعرَانَه ۾ ٻيهر رَضاعي ڀيڻ سان ملاقات ٿي ته رڍون ٻڪريون پڻ ڏنائون۔ (سبل