Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

ان جو سبب پڇا ڪر ته آخر ائين ڇو ٿيو؟ (يعني سيدنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي اعلان جي حڪمت ڇا هئي؟) نوجوان حاضر ٿي جڏهن پڇا ڪئي ته حضرت سيدنا ابوهريره  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمايائون ته مون حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان هي ٻڌو آهي؛ جنهن قوم ۾ قاطع رحم (يعني رشتيداري ٽوڙڻ وارو) هجي ان (قوم) تي الله ڪريم جي رحمت نازل ناهي ٿيندي۔ (الزواجر،قطع الرحم،۲/۱۵۳)

مجلس”مَدَني اِنعامات “

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! پهريان جا مسلمان ڪيتري قَدَر خوفِ خدا رکڻ وارا هئا! خوش نصيب نوجوان الله ڪريم جي ڊپ سبب هڪدم پنهنجي پڦي وٽ پاڻ حاضِر ٿي صُلح جي ترڪيب ڪري ورتي۔ سڀئي مسلمان غور ڪن ته خاندان ۾ ڪنهن ڪنهن سان اڻبڻت آهي، خبر پوڻ کان هاڻي جيڪڏهن شَرعي عذر نه هجي ته فوراً ناراض رشتيدارن کان ”صُلح و صفائي“ جي ترڪيب شُروع ڪريو۔ جيڪڏهن جُھڪڻو به پوي ته بيشڪ رِضاءِ الٰهي جي لاءِ جُھڪي پئو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ سَربُلندي ملندي۔ فرمانِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: مَنْ تَوَاضَعَ لِلّٰه رَفَعَه الله يعني جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجِزي ڪندو آهي الله ڪريم ان کي بُلندي عطا ڪندو آهي۔ (شعب الايمان، باب في حسن الخلق، ۶/۲۷۶، حديث: ۸۱۴۰) رشتيدارن سان حُسنِ سُلوڪ جي مَدَني سوچ بڻائڻ جو هڪ بهترين ذريعو عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿيڻ به آهي۔
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ ڪم و پيش 104 شُعبن ۾ دينِ متين جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ”مجلس مدني انعامات“ به آهي۔ شيخِ طَرِيقَت، اَميرِاَهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي خواهش مُطابق اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن، اسلامي ڀينرن ۽ جامعاتُ المدينه و مَدارِسُ المدينه جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي باعمل بنائڻ جي لاءِ ۽ انهن کي مدني انعامات تي عمل جي ترغيب ڏيارڻ لاءِ ”مجلسِ مدني انعامات“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو ، شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: ڪاش! ٻين فرض ۽