Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

اُلفت وڌندي آهي، بلڪ رشتيدارن سان جمعي جمعي تي ملندو رهي يا مهيني ۾ هڪ ڀيري، ۽ تمام قبيلي ۽ خاندان کي هڪ (يعني متحد) هئڻ گھرجي، جڏهن حق انهن سان گڏ هجي (يعني اهي حق تي هجن) ته ٻين جي مقابلي ۽ اظهار حق ۾ سڀئي متحد ٿي ڪم ڪن. (ڪتاب الدُرَر الحڪام،۱/۳۲۳)

(6) رشتيدار حاجت پيش ڪن ته رد ڪرڻ گناهه آهي

جڏهن پنهنجو ڪو رشتيدار ڪا حاجت پيش ڪري ته ان جي حاجت پوري ڪري، ان کي رد ڪرڻ قطعِ رحم (رشتوٽوڙڻ) آهي. (ڪتاب الدُرَر الحڪام،۱/۳۲۳) (ياد رهي! صلهءِ رحمي واجب آهي ۽ قطع رحم گناهه،حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي)

(7) صلهءِ رحم هي آهي ته اهو ٽوڙي تڏهن به توهان جوڙيو

صله رحمي (يعني رشتيدارن سان سٺو سلوڪ) ان جو نالو ناهي جيڪو اهو سلوڪ ڪري ته توهان به ڪيو، ائين ڪرڻ ته حقيقت ۾ مُڪافاة يعني ادلو بدلو ڪرڻ آهي جو ان ڪا شيء اوهان کي موڪلي توهان به ان وٽ ڪا شيء موڪلي، اهو توهان وٽ آيو توهان ان وٽ هليا ويا، حقيقت ۾ صله رحمي (يعني رشتيدارن سان سٺو سلوڪ) هي آهي ته اهو ٽوڙي ته توهان ڳنڊيو، اهي توهان کان جدا ٿيڻ چاهين ٿا، بي لاپرواهي ڪري ٿو پر توهان ان سان مائٽي جي حقن جي رعايت (يعني لحاظ) ڪيو ۔ (رَدُّالمُختار ج 9 ص 678)

تُو بَرائے وَصْل کَرْدَن آمَدِی

نے بَرائے فَصْل کَرْدَن آمَدِی

ترجمه: يعني تون جوڙ پيدا ڪرڻ جي لاءِ آيو آهين توڙ پيدا ڪرڻ جي لاءِ نه آيو آهين. (غيبت ڪي تباه ڪاريان، 112)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حُسن ظن رکڻ جو طريقو