Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

سُنتن جي بجا آوَري سان گڏوگڏ تمام اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون انهن مَدَني انعامات کي به پنهنجي زندگي جو دستورُ العَمَل بڻائي وٺن، ڪاش! تمام ذمّه دارانِ دعوتِ اسلامي به پنهنجي پنهنجي حَلقي ۾ انهن (مَدَني انعامات جي رسالن) کي عام ڪن. ڪاش! هر مسلمان پنهنجي قَبر ۽ آخِرت جي بهتري جي لاءِ انهن مَدَني اِنعامات کي اِخلاص سان اپنائي الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان جَنّتُ الفردوس ۾ مَدَني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙيسري بڻجڻ جو عظيم ترين انعام ماڻي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                                  اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صله رحمي جا مدني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي ختم ڪندي صِله رِحمي جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻُڌڻ جي سعادت حاصِل ڪريون ٿا۔ پهريان ٻه 2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) هر حُسنِ سُلُوڪ (Politeness) صدقو آهي غني سان هجي يا فقير سان۔ (مجمع الزوائد ، ڪتاب الزڪوٰۃ ، باب ڪل معروف صدقۃ ، ۳/۳۳۱، حڈيث: ۴۷۵۴)
(2) جنهن والدين سان حُسنِ سُلوڪ ڪيو ان کي مبارَڪ هجي ته الله پاڪ ان جي عُمر وڌائي ڇڏي۔ (مستدرڪ،ڪتاب البروالصلۃ،باب من بروالديه…الخ،۵/۲۱۳، حديث: ۷۳۳۹) ٭ صِلَه رِحم واجِب آهي ۽ قَطعِ رِحم حرام ۽ جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ (بهار شريعت، ۳/۵۵۸) ٭ رشتيدارن سان سٺو سُلوڪ ان جو نالو ناهي ته هو سُلوڪ ڪري ته توهان به ڪريو، اها شيء ته حقيقت ۾ مُڪافاة يعني اَدلو بَدلو آهي ته ان توهان وٽ ڪا شيء موڪلي توهان به ان وٽ ڪا شيء موڪلي، اهو توهان وٽ آيو توهان ان وٽ هليا ويا، حقيقت ۾ صله رحمي هي آهي ته اهو ٽوڙي ته توهان ڳنڊيو، اهو توهان کان جدا ٿيڻ چاهي ٿو، تون ان سان مائٽي جي حقن جي رعايت (يعني لحاظ) ڪر. (رَدُّالْمُحتار، ۹/۶۷۸) ٭ صِلَه رِحمي