Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

جون مُختلِف صورَتون آهن، انهن کي هدِيو ۽ تحفو ڏيڻ ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪنهن ڳالھ ۾ توهان جي اِمداد درڪار هجي ته ان ڪم ۾ اُن جي مدد ڪرڻ،

اُنهن کي سلام ڪرڻ، اُنهن جي ملاقات لاءِ وڃڻ، انهن وٽ اٿڻ ويهڻ، انهن سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ، اُنهن سان لُطف و مهرباني سان پيش اچڻ. (ڪتاب الدُرَر الحڪام،۱/۳۲۳) ٭ رشتيدارن سان ناغو ڪري ملندو رهي يعني هڪ ڏينهن ملڻ وڃي ٻي ڏينهن نه وڃي ته اهڙي طرح سان مَحَبَّت ۽ اُلفت وڌندي آهي، بلڪه قَرابَتدارن سان جُمعي جُمعي ملندو رهي يا مهيني ۾ هڪ ڀيرو۔ (ڪتاب الدُرَر الحڪام ، ۱/۳۲۳) ٭ حق ۽ جائز ڳالهين ۾ قبيلي ۽ خاندان وارن کي مُتَّحد ٿيڻ گھرجي يعني جيڪڏهن رشتيدار حق تي هجن ته ٻين سان مقابلو ۽ اِظهارِ حق ۾ سڀئي مُتَّحِد ٿي ڪم ڪن۔ (ڪتاب الدُرَر الحڪام،۱/۳۲۳) ٭ رشتيدار مائٽ حاجت پيش ڪري ته ردّ ڪرڻ (موٽائڻ) گناھ آهي، جڏهن پنهنجو ڪو رشتيدار ڪا حاجت پيش ڪري ته ان جي حاجت روائي ڪري، ان کي رَد ڪرڻ رِشتو ٽوڙڻ آهي۔ (ڪتاب الدُرَر الحڪام،۱/۳۲۳) صِلَه رِحمي جي حوالي سان وڌيڪ معلومات حاصِل ڪرڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اَميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”هٿو هٿ پڦي سان صلح ڪري ورتي“ جو مطالَعو ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفته وار اجتماع جي بيان جون جهلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ايندڙ هفته وار اجتماع ۾ جيڪو بيان ٿيندو، اهو به نهايت اهم موضوع آهي، قرباني جا ڏينهن ويجهو آهن، انهن جي اهميت، فضيلت، تعريف، فضائل، اسان ايندڙ بيان ۾ ٻڌنداسين، بدقسمتي سان ڪيئي