Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

19سال پراڻي مرض ۾ ڪمي اچي وئي

باب المدينه (ڪراچي) جي عَلائقي ناظِم آباد جي مقيم هڪ وڏي عمر وارو اسلامي ڀاءُ تقريباً 19 سال کان ساھ جي مَرَض ۾ مُبتَلا هو۔ ڪڏهن ته مَرَض جي شِدَّت سبب ان کي شديد تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو هو، ڪڏهن آڌي رات جو طبيعت بگڙجندي هئي ته انهيء وَقت ڊاڪٽر (Doctor) وٽ وڃڻو پوندو هو۔ مطلب ته عِلاج ۾ ڪا ڪمي نه ڪئي ويندي هئي۔ اُن جي خوش قسمتي جو هڪ ڀيري عاشقانِ رسول سان گڏ ٽن (3) ڏينهن جي مَدَني قافِلي ۾ سفر جي سعادت حاصِل ٿي، مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان جتي ان جا ڏينهن رات عبادتِ الٰهي ۾ گذريا، عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ جو موقعو مليو اتي اُن کي ٻيون به بَرڪتون نصيب ٿيون۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافِلي دوران اُن کي اِنجڪشن جي نه حاجت پيش آئي نه ئي ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ڊوڙڻو پيو بلڪ اتي اهڙو اِطمينان ۽ سُڪون مليو جو ان کان پهريان ڪڏهن نه مليو هو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافِلي جي برڪت سان انهن جي 19 سال پُراڻي مَرَض ۾ واضح ڪمي آئي۔

دُور بیماریاں اور پریشانیاں                                                  ہوں گی بس چل پڑیں، قافِلے میں چلو

ہوگا لُطْفِ خُدا، آؤ بھائی دُعا                                               مِل کے سارے کریں، قافِلے میں چلو

فائدہ آخِرت کے بنانے میں ہے                                        سب مُبَلِّغ کہیں، قافِلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صُلح ڪرڻ تشريف کڻي ويا

حضرت سيدنا ابوهريره  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ هڪ ڀيري سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون حديثون بيان ڪري رهيا هئا، انهيءَ دوران فرمايائون؛ هر قاطعِ رحم (يعني رشتيداري ٽوڙڻ وارو) اسان جي محفل مان هليو وڃي، هڪ نوجوان اُٿي ڪري پنهنجي پڦيءَ وٽ ويو جنهن سان ان جو ڪيئي سالن جو پراڻو جڳهڙو هو، جڏهن ٻئي هڪ ٻئي سان راضي ٿي ويا ته ان نوجوان کي پڦيءَ چيو؛ تون وڃي