Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

ڪرڻ واري سان صِله رِحمي به. (مستدرڪ ،ڪتاب الزڪاۃ، باب افضل الصدقۃ.. الخ،۲/۲۷، حديث: ۱۵۱۵)

 الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجن رشتيدارن سان هميشه حُسنِ سُلوڪ ڪندو رهڻ جي تَوفِيق نصيب فرمائي۔   اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڀيڻ جو حق ادا نه ڪيائين!

دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون پڻ مڪي مديني جون زيارتون“ جي صفحي نمبر 77 تي آهي: حضرت مجاهد بن يحٰي بلخي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ هڪ خراساني شخص 60 سالن کان مڪي پاڪ ۾ رهندو هو۔ جيڪو وڏو عابد زاهد، شخص هو، ڏينهن جو قرآن پاڪ پڙهندو هو ۽ سڄي رات طواف ڪندو هو۔ هڪ نيڪ پرهيزگار شخص سان ان خراساني جي دوستي هئي ان شخص پنهنجي خراساني دوست کي ڏھ هزار دينار امانت طور ڏنا ۽ سفر تي هليو ويو۔ جڏهن سفر تان موٽيو ته خبر پئي ته ان جو خراساني دوست فوت ٿي چڪو آهي۔ هو انهن جي وارثن وٽ ويو ۽ پنهنجي امانت گهري، پر انهن لاعلمي ظاهر ڪئي۔ ان صالح شخص مڪي پاڪ جي عالمن وٽ ان واقعي جو تذڪرو ڪيو ته انهن فرمايو اسان کي اميد آهي ته مرحوم خراساني جنتي هوندو تون اڌ رات جو زم زم جي کوھ جي اندر جهاتي پائي ائين آواز لڳاءِ: ”اي خراساني! مون تو کي امانت ڏني هئي، هو جواب ضرور ڏيندو۔“ هن ائين ئي ڪيو، پر زم زم جي کوھ مان جواب نه آيو۔ ان ٻيهر مڪي شريف جي عالمن سان رابطو ڪيو۔ انهن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته شايد هو جنتين مان ناهي، هاڻي تون يمن ۾ برهوت جي کوھ تي وڃي اهڙي طرح سڏ ڪر۔ اهو کوھ جهنم جي ڪناري تي آهي ۽ اتي جهنمين جا روح هوندا آهن۔ ان ڪري هو يمن پهتو ۽ برهوت جي کوھ تي جهاتي پائي آواز ڏنو: ”اي خراساني! مون توکي امانت ڏني هئي اها ڪٿي آهي۔“ ان نيڪ شخص جو بيان آهي ته مون مرحوم خراساني دوست جو آواز