Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس تاجران

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اها حقيقت آهي جيڪو اسان دنيا ۾ گڏ ڪيو آهي اهو هتي رهجي ويندو تنهنڪري پنهنجي دل مان دنيا جي محبت ڪڍڻ ۽ رزقِ حلال ۾ برڪت جي لاءِ جيتري استطاعت هجي صدقي ۽ خيرات جي عادت به بڻايو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن جي برڪت سان مال جي محبت دل مان نڪري ويندي۔ ان جي علاوه وڌ کان وڌ ڪمائڻ جي لالچ ۾ حلال وحرام جو فرق وساري

حرام طريقي سان ڪمايل مال دنيا ۽ آخرت ۾ وبال جو سبب به بڻجي سگھي ٿو، اسلام پنهنجي مڃڻ وارن کي واپار جا بلڪل واضِح اُصُول عطا ڪيا آهن، پر بدقسمتي سان علم کان دُوري ۽ دُنيا جي رنگينن اڄ جي مسلمان کي انهن سنهري اُصُولن تي عمل کان پري ڪري ڇڏيو آهي۔ ضرورت هن ڳالھ جي هئي ته ڪو انهن واپارين ۾ اسلام جو حقيقي رُوح پيدا ڪري۔ انهيءَ ڪري تبليغِ قرآن ۽ سُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت هڪ شُعبو بنام ”مجلس تاجران“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو ڪم واپار واري شعبي سان وابسته ماڻهن کي واپار جي باري ۾ اسلامي تعليمات سان رُوشناس ڪرائڻ، انهن ۾ دعوتِ اسلامي جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪندي هن مدَني مَقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي،
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جي مُطابق زندگي گُذارڻ جو مدني ذِهن ڏيڻو آهي۔

هن مدني مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ بازارن ۾ مَدَني ماحول بڻائڻ جي لاءِ مسجد يا ڪنهن به مُناسِب مَقام تي مَدَني مرڪز جي ڏنل طريقِ ڪار جي مُطابِق مدني درس (يعني فيضانِ سُنَّت ۽ اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ٻين رسالن مان درس) ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي۔ واپارين کي به مدني