Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

کي نُقصان پهچايو ۽ جنهن پنهنجي آخرت سان مَحَبَّت ڪئي ان پنهنجي دُنيا کي نُقصان پهچايو، پوءِ توهان فَنا ٿيڻ واري (دنيا) تي باقي رهڻ واري (آخرت) کي ترجيح ڏيو۔ (مسند امام احمد، مسند الڪوفيين، حديث ابي موسي الاشعري، ۷/۱۶۵، الحديث: ۱۹۷۱۷)

بيان ڪيل حديثِ پاڪ جي تحت حڪيمُ الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هن ف  ههههنن

رمان مبارڪ مان معلوم ٿيو ته دُنيا ۽ آخرت ٻنهي جي مَحَبَّت هڪ دل ۾ گڏ نٿي ٿي سگھي، دنيا آخرت جو ضِد آهي۔ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: علم عقل ۽ ايمان جو سڀ کان گھٽ درجو هي

 آهي ته انسان سمجھي وٺي ته دنيا فاني آهي ۽ آخرت باقي رهڻ واري، ان جو نتيجو هي آهي ته دُنيا ۾ رهي آخرت جي تياري ڪري، دنيا ۾ مشغول نه ٿي وڃي۔(مرآۃ المناجيح،۷/۱۸)

وہ دنیا کی رنگینی میں کھویا رہا برباد ہوا 

 

جس نے عشقِ نبی سے دل کو خالی اور ویران کیا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دنيا واريءَ  جيان آهي!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته بيان ڪيل احاديثِ مُبارڪه ۾ دنيا کان مَحَبَّت ڪرڻ وارن جي ڪهڙي مذمت(Condemnation) بيان ڪئي وئي آهي، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان صرف دنيا جي لاءِ ئي نه تڙپندا رهون، آخرت جي لاءِ به نيڪين جو ذَخيرو گڏ ڪريون ڇوته دنيا جي مثال واريءَ جهڙي آهي، واريءَ جي جيتري به وڏي مُٺ ڀري وڃي آهسته آهسته ذَرَّن جي صورت ۾ تمام واري مُٺ مان نڪري ئي ويندي آهي ۽ آخر ۾ مُٺ خالي رهجي ويندي آهي۔ اهڙو ئي ڪجھ حال هن ڌوڪي باز دُنيا جو آهي۔

مال ڪمائڻ ۽ پوءِ بيمارين ۾ صرف ڪرڻ

انسان سڄي زندگي دنيا کان وفاداري ڪري ٿو، دنيا ڪمائڻ جي چاهت ۾