Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

لُغوي معنيٰ آهي؛ ويجھو، ۽ دنيا کي دنيا انهيءَ ڪري چون ٿا ته هي آخرت جي نسبت انسان جي گھڻو ويجھو آهي يا انهيءَ ڪري جو هي پنهنجي خواهشات ۽ لذت جي سبب دل جي گھڻو ويجھو آهي۔ (حديقه نديۃ،۱ /۱۷)

دُنيا ڇا آهي؟

حضرتِ سيدُنا علّامه بدرُ الدّين عَيني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: آخِرت جي گھر کان پهريان تمام مخلوق دنيا آهي۔ (عمدة القاري ج 1 ص 52) پوءِ انهي اعتبار سان سون چاندي ۽ ان سان خريد ڪيون ويندڙ تمام ضروري ۽ غير ضروري شيون دنيا ۾ داخل آهن۔ (اَلْحَدِيقَۃُ النَّدِيۃ، ۱ /۱۷)

ڪهڙي دُنيا سٺي، ڪهڙي دنيا قابلِ مَذَمَّت؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رهي! دنياوي شين جا ٽي قسم آهن؛ ]1[ اهي دنياوي شيون جيڪي آخرت جو ساٿ ڏينديون آهن ۽ ان جو نفعو موت کان پوءِ به ملندو آهي، اهڙيون شيون صرف ٻه آهن؛ عِلم ۽ عمل، عمل مان مراد اخلاص سان اللہ  تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ ۽ دنيا جو هي قِسم محمود (يعني تمام سٺو) آهي ]2[ اهي شيون جنهن جو فائدو صرف دنيا تائين محدود رهندو آهي آخرت ۾ ان جو ڪو ثمر ناهي ملندو جيئن گناهن جي لذت حاصل ڪرڻ، جائز شين مان ضرورت کان وڌيڪ فائدا حاصل ڪرڻ، مثلاً زمين جائيداد، سون چاندي، عمده ڪپڙا ۽ سٺا سٺا کاڌا، ۽ هي دنيا جي مَذموم (يعني مذمت لائق) قِسم ۾ شامل آهن ]3[ اهي شيون جيڪي نيڪين تي مددگار هجن جيئن ضروري غذا، ڪپڙا وغيره. هي قسم به محمود (يعني سٺو) آهي پر جيڪڏهن صرف دنيا جو فوري فائدو ۽ لذت مقصد هجي ته هاڻي هي دنيا مذموم (يعني قابل مذمت) چئي ويندي. ( اِحياءُ الْعُلوم، ڪتاب ذم الدنيا ، ۳/۲۷۰،۲۷۱ملخصاً)

مت لگا تُو دل یہاں پچھتائے گا     کس طرح جنّت میں بھائی جائے گا ؟

لندن و پیرس کے سپنے چھوڑ دے      بس مدینے ہی سے رشتہ جوڑ لے