Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

دنيا ۽ آخرت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اها هڪ سچي حقيقت آهي ته هميشه باقي رهڻ واري آٓخرت جي مُقابلي ۾ دنيا تمام جلد ختم ٿيڻ واري آهي، دُنيا جو طلبگار بظاهر هن دنيا جي حُصُول تي گھڻو خوش ٿيندو آهي، هن سان وڏيون وڏيون اُميدون وابسته ڪري وٺندو آهي، هن جي رنگينين ۾ گم ٿي ويندو آهي پر جڏهن هوش ايندو آهي ته افسوس ڪندي رهجي ويندو آهي۔ دُنيا ۾ رهي جيڪو آخرت جي بهتري جي ڪوششون ڪري ٿو ان جي دنيا به موچاري ٿيندي آهي ۽ آخرت به سنورجي ويندي آهي جڏهن ته دُنيا ۾ رهي صرف دُنيا ڪمائڻ وارو آخرت جي فَائدن ۽ ثمرات کان محروم ٿي ويندو آهي۔ دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿيڻ وارو شيطان کي پيارو لڳندو آهي جڏهن ته آخرت جي تياري ڪرڻ وارو اللہ  ڪريم جو محبوب بڻجندو آهي۔ دنيا جو رستو بظاهر نَفساني خواهشات ۽ ڊگھي اُميدن جي ڪري آسان نظر ايندو آهي پر ان جو اَنجام نهايت بُرو آهي، آخرت جي راھ بظاهر مشڪل ۽ دُشوار نظر ايندي آهي پر ان جي منزل جنَّت جو خوبصورت ۽ هميشه رهڻ وارو مقام آهي۔ جيئن ته دنيا آخرت جي مقابلي ۾ اسان جي تمام ويجھو آهي، تنهنڪري هن ڏانهن دل گهڻو جلد مائل ٿي ويندي آهي جڏهن ته آخرت دُنيا کان پوءِ آهي، ان جي ڪري هن کان غفلت ڪئي ويندي آهي۔

ياد رکو! دنيا کي دنيا چوڻ جو سبب به اهو ئي آهي ته دنيا آخرت جي مُقابلي ۾ اسان کان وڌيڪ ويجھو آهي، جيئن ته

دنيا کي دنيا ڇو چيو ويندو آهي؟

شيخِ طريقت،اميرِ اهلسُنَّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تصنيفنيڪي جي دعوتجي صفحه نمبر260 تي نقل فرمائن ٿا: دنيا جي