Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دنيا هڪ مسافر خاني وانگر آهي جنهن ۾ مسافر اچي ترسن ٿا ۽ ڪجھ ڏينهن رهڻ کان پوءِ اتان کان هليا ويندا آهن، مسافر خاني ۾ اچي ڪجھ ڏينهن رهڻ وارو ڪڏهن به اتي رهندي وڏيون وڏيون

اُميدون ناهي ڪندو ۽ ان جي رونقن سان دل ناهي لڳائيندو۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان هن عارضي گھر يعني دنيا جا ٿي ڪري نه رهجي وڃون ڇوته اسان کي هڪ ڏينهن هتان کان موڪلائي وڃڻو آهي، اسان جي منزل هي ناهي بلڪه جنت آهي۔ اچو! پنهنجي دل ۾ دنيا کان بي رغبتي وڌائڻ ۽ فڪرِ آخرت اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ 3 فرمانِ مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ نصيحت ۽ عبرت جا مدني گل جمع ڪريو:

(1) فرمايائون: جيڪو شخص هميشه دنيا جي فڪر ۾ مبتلا رهندو (۽ دِين جي پروا نه ڪندو) ته اللہ  پاڪ ان جا سمورا ڪم پريشان ڪندو ۽ ان جي مُفلسي هميشه ان جي اڳيان رهندي ۽ ان کي دُنيا ايتري ئي ملندي جيتري ان جي تقدير ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جي نِيت آخرت ڏانهن هوندي ته اللہ  ڪريم ان جي دل جمعي جي لاءِ ان جا سمورا ڪم دُرُست ڪندو ۽ ان جي دل ۾ دنيا جي بي پروائي وجھندو ۽ دنيا ان وٽ خودبخود ايندي۔

 (ابن ماجه، ڪتاب الزهد، باب الهم بالدنيا، ۴/۴۲۴، الحديث: ۴۱۰۵)

(2) فرمايائون: دنيا ان جو گھر آهي جنهن جو (آخرت ۾) ڪو گھر نه آهي ۽ دُنيا ان جو مال آهي جنهن جو ٻيو ڪو مال نه آهي ۽ دنيا جي لاءِ اهو ماڻهو گڏ ڪري ٿو، جنهن وٽ عقل نه آهي۔

 (شعب الايمان، الحادي والسبعون من شعب الايمان ۔۔۔ الخ، فصل فيما بلغنا عن الصحابۃ۔۔۔ الخ، ۷/۳۷۵، الحديث: ۱۰۶۳۸)

(3) فرمايائون: جنهن پنهنجي دنيا کان مَحَبَّت ڪئي، ان پنهنجي آخرت