Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

ڏينهن رات هڪ ڪندو آهي، پارٽ ٽائم جاب ڪندو آهي، 20،20 ڪلاڪ ڪم ڪندو آهي، فقط ان ڪري جو پيسو ڪمائڻو آهي، مطلب ته ڏينهن گذري ٿو ته انهيءَ سوچ ۾ ته پيسو ڪمائڻو آهي، رات گُذري ٿي ته انهيءَ تڙپ ۾ جو پيسو ڪمائڻو آهي، دل ڌڙڪي ٿي ته انهيءَ ڌُن ۾ ته پيسو ڪمائڻو آهي ۽ قدم کڻي ٿو ته انهيءَ جُستجو ۾ ته پيسو ڪمائڻو آهي۔ پر هاءِ! اهو پيسو جنهن جي لاءِ پنهنجي صحت جي پروا نه ڪئي هئي، اهو دُنيا جنهن جي خاطر ڏينهن رات هڪ ڪيا هئا، اهو مال جنهن کي ماڻڻ جي جدوجهد ۾ اوور ٽائم (Overtime) لڳايا هئا، اها دولت جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حرام حلال جي پروا نه ڪئي هئي، اهو پيسو جنهن کي ماڻڻ جي لاءِ پنهنجي زندگي جا

قيمتي مهينا ۽ سال ضائع ڪري ڇڏيا هئا اهو ئي پيسو ڪجھ عرصي کان بعد بيمارين جي نذر ٿي ويندو آهي۔ جي ها! انسان پُوڙهائپ جي اڱڻ تي قدم رکندو آهي ته مختلف بيماريون استقبال ڪرڻ جي لاءِ تيار هونديون آهن، هاڻي نه هو دنيا جو رهندو آهي ۽ نه آخرت جي لاءِ ڪجھ ڪري سگھندو آهي۔

موت کي نه وساريو

دنيا جي فتني بازين کان خبردار ڪندي حُجَّۃ ُ الْاِسْلام امام محمد غزالي
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ بُزرگ جي حوالي سان لکن ٿا: اي انسانو! هن فُرصَت جي وقت ۾ نيڪ عمل ڪري وٺو ۽ اللہ  پاڪ کان ڊڄندا رهو۔ اُميدن تي آڪڙجو نه ۽ پنهنجي موت کي نه وساريو۔ دنيا ڏانهن مائل نه ٿيو، بيشڪ اها ڌوڪي باز آهي ۽ ڌوڪي سان ٺهي ٺڪي توهان جي اڳيان ايندي آهي ۽ پنهنجي خواهشن جي ذريعي توهان کي فتني ۾ وجھندي آهي، دنيا پنهنجي پيروي ڪرڻ وارن جي لاءِ هن طرح سجندي سنورجندي آهي، جيئن ڪنوار سنورجندي آهي۔ دنيا پنهنجن ڪيترن ئي عاشقن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ جن هن کان اطمينان حاصل ڪرڻ چاهيو، انهن کي ذليل ۽ رُسوا ڪري ڇڏيو، تنهنڪري هن کي