Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

واه ڇا ڳالھ ڪجي ”مسور“ جي

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! قربان وڃجي! اميرالمومنين حضرت سَيدُناعُمر بن عبدُ العَزِيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دنيا کان بي رغبتي تي! جيڪي ايتري وڏي سَلطَنت جا خليفو هئڻ باوجود به سادي غذا استعمال ڪندا هئا، تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان به اللہ  وارن جي نقشِ قدم تي هلندي سادگي اپنايون ۽ دال سبزي به خوشي خوشي کائيندا ڪيون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مسور جي دال جي ته ڇا شان آهي جو حديثِ پاڪ ۾ ان کي برڪت واري شيء قرار ڏنو ويو آهي جيئن رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: توهان مسور ضرور کائيندا ڪيو ڇوته اها برڪت واري شيء آهي۔ جيڪا دل کي نرم ڪندي ۽ لڙڪن کي وڌائيندي آهي۔ هن ۾ 70 انبياءِ ڪرام عَلَيهِ السَّلَام جون برڪتون شامل آهن، جن ۾ حضرت عيسيٰ عَلَيهِ السَّلَام به شامل آهن۔ (فردوس الاخبار، ۲/۶۷، حديث:۳۸۷۶)

امام ثعلبيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا عُمر بن عبدُالعَزيز
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڏينهن زيتون، هڪ ڏينهن گوشت ۽ هڪ ڏينهن مسور جي دال سان ماني کائيندا هئا، هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مسور ۽ زيتون نيڪن جي غذا آهي، مسور بدن (Body) کي سنهو ڪري ٿي ۽ سنهو بدن عبادت ۾ مددگار ٿيندو آهي، مسور سان اهڙي شهوت ناهي ڀڙڪندي جهڙي گوشت کائڻ سان ڀڙڪندي آهي۔ (تفسير قرطبي ،۱/۳۴۶، ملتقطا)

میں کم کھانا کھانے کی عادت بناؤں      خدایا کرم! استقامت بھی پاؤں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد