Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

شيطان جو ڄار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دنيا جي مَحَبَّت شيطان جو اهڙو ڄار آهي جيڪو ان ۾ ڦاسجي انسان نيڪ ڪمن کان پري ٿي ويندو آهي، مثال طور پهريان مستحبّات کان پري ٿيندو آهي، پوءِ سُنَّتن کان غافل ٿيندو آهي، ان کان بعد فرض ۽ واجب ڇڏڻ جي عادت بڻجندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي حرام ڪمن جو عادي بڻجي ويندو آهي۔ نيٺ نمازون ڇڏڻ جو معمول بڻجي ويندو آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ، غيبت ڪرڻ، ٻين جي دل ڏُکائڻ، ڳائڻ وڄائڻ ٻڌڻ ۽ طرح طرح جي حرام ۽ ناجائز ڪمن ۾ زندگي گذرڻ لڳندي آهي۔ ان جي علاوه دنيا ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشغول رهڻ وارو پنهنجن کي وساري ويهندو آهي، دنيا ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشغول رهڻ وارو مخلص دوستن کان محروم ٿي ويندو آهي، دنيا ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشغول رهڻ وارو غريبن کي حقير ۽ ڪمتر سمجھڻ لڳندو آهي، دُنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو ڪنجوس (Miser) ٿي ويندو آهي، دُنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو تَڪبُّر جي آفت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي،دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ واري تي نصيحت اثر ناهي ڪندي، دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو حلال ۽ حرام ۾ تميز ناهي ڪري سگھندو، دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو حُقُوْقُ اللہ  سان گڏوگڏ حُقُوقُ العِبَاد يعني ٻانهن جي حقن کان به غافل ٿي ويندو آهي، دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو چورن، ڌاڙيلن ۽ لٽيرن جو شڪار ٿي ويندو آهي۔ مطلب ته دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو طرح طرح جي آفتن ۾ مبُتلا رهندو آهي۔دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وار جيڪڏهن دنيا جي حقيقت کي سمجھي وڃن ته ڪڏهن به ان سان دل نه لڳائن ها۔ قرآنِ ڪريم جي مختلف آيت سڳورين ۾ دُنيا جي حقيقت کي بيان ڪيو ويو آهي جيئن