Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

دنيا سان محبت جو انجام

      دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل510 صفحن تي مشتمل ڪتاب "الله والوں ڪي باتيں"جلد4 جي صفحي نمبر 85 تي آهي۔

           حضرت سَيدُنا وهب بن منبه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا عيسيٰ
عَلَيهِ السَّلَام جو گذر هڪ اهڙي ڳوٺ وٽان ٿيو، جتي جا انسان ۽ جنّ، چرند پرند، تمام چوپايا ۽ ڪيڙا مڪوڙا مري چڪا هئا، پاڻ عَلَيهِ السَّلَام ڪجھ دير بيهي انهن ڏانهن نهاريندا رهيا، پوءِ پنهنجي حوارين ڏانهن مُتوجه ٿي ارشاد فرمايائون: اهي سڀئي اللہ  پاڪ جي عذاب سان هلاڪ ٿيا آهن، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته گڏجي نه مرن ها۔ پوءِ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام انهن مُردن کي پڪاريائون: اي ڳوٺ وارو! انهن مان هڪ جواب ڏنائين: لَبَّيڪ يا رُوحَ اللہ ! يعني اي روحُ اللہ ! اسان حاضر آهيون۔ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام ارشاد فرمايائون: توهان جي شيطان جي پوڄا ڪهڙِي  هئي؟ ان چيائين: اسان شيطان جي پُوڄا ۽ دُنيا سان مَحَبَّت ڪندا هئاسين،پاڻعَلَيهِ السَّلَام فرمايائون: توهان جي شيطان جي پُوڄا ڪهڙي هئي؟ ان چيائين: اسان اللہ  پاڪ جي نافرمانن جي پيروي ڪندا هئاسين، پاڻ عَلَيهِ السَّلَام جن ارشاد فرمايو: توهان جي دنيا سان مَحَبَّت ڪهڙي هئي؟ ان چيائين: اهڙي جيئن ٻار پنهنجي ماءُ سان مَحَبَّت ڪري ٿو، جڏهن دنيا اسان وٽ ايندي هئي ته اسان خوش ٿيندا هئاسين ۽ جڏهن هلي ويندي هئي ته اسان غمگين ٿيندا هئاسين۔ گڏوگڏ هي اسان ڊگھيون اُميدون رکيون هيون ۽ اللہ  پاڪ جي اطاعت کان مُنهن موڙي ان جي ناراضي ڏانهن وڌي رهيا هئاسين۔ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام جن ارشاد فرمايو: توهان جو هي حال ڪيئن ٿيو؟ ان چيائين: اسان رات خيريت ۾ گذاري ۽ صبح هاويه ۾ ڪئي۔ فرمايائون: هاوِيه ڇا آهي؟ هو چوڻ لڳو: سِجِّين۔ ارشاد فرمايائون: سجين ڇا آهي؟ ان چيائين: دنيا جي سمورن حصن جيتري باھ (Fire) جو هڪ ٽانڊو آهي، ان ۾ اسان سڀني جا رُوح دَفن ڪيا ويا آهن۔ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام ارشاد فرمايائون: توهان جا ساٿي ڇو نه پيا ڳالهائن؟ ان چيائين: اهي ڳالهائڻ جي طاقت نٿا رکن۔ ارشاد فرمايائون: ان جو سبب؟ هو چوڻ لڳو: انهن جي واتن ۾ باھ جون لغامون وڌيون ويون آهن۔ پاڻ عَلَيهِ السَّلَام ارشاد فرمايائون: پوءِ