Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  بُزرگانِ دين جو ڪردار اسان جي لاءِ مشعلِ راھ آهي، اهي حضرات دنيا (World) جي حقيقت کي چڱي طرح سڃاڻندا هئا۔ دُنيا انهن ڏانهن ايندي آهي پر اهي دُنيا جي مُقابلي ۾ هميشه آخرت کي ئي ترجيح ڏيندا آهن۔ اچو! ترغيب طور هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿا، جيئن ته

دنيا کان بي رغبت خليفو

اميرُالمومنين حضرت سَيدُناعمربن عبدُالعزيزرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهجڏهن خليفو بڻيو ته زُهد ۽ قَناعت (يعني دنيا کان بي رغبتي کي) اِختيار ڪري ورتو، عَيش ۽ عِشرت کي ڇڏي ڏنو، لذيذ کاڌا ڇڏي ڏنا ۽ تمام سادي غِذا استعمال ڪرڻ لڳا جيئن ته

نُعَيم بن سلامت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته ۾ اميرالمومنين عُمر بن عبدُ العَزِيز وٽ ويس ته ڏٺو ته پاڻ زيتون جي تيل سان ماني کائي رهيا هئا۔(سيرتِ ابن جوزي، ص ۱۸۰) يونس بن شيبرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي ته مون اميرالمومنين حضرت سَيدُنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي خلافت کان پوءِ هن حال ۾ ڏٺو ته جيڪڏهن مان چاهيان ها ته بغير هٿ لڳائڻ جي سندن پاسراٽيون ڳڻي سگھان ها۔

(سيرتِ ابن جوزي، ص۱۸۱)

 اوهان جا غلام فرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي آقا اميرُالمومنين وٽ آيس ته پاڻ مسور جي دال کائي رهيا هئا، مون چيو:
 کُلَّ يومٍ عَدَسٌ! يعني روز روز دال! اوهان جي گھرواريءَ فرمايائون: هذَاطَعَامُ مَولَاک اَمِيرِ الْمُؤْمِنِين! يعني توهان جي آقا اميرالمؤمنين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اها ئي غذا آهي۔ (سيرت ابن جوزي،ص۱۸۱ ملخصا)