Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

بگڑے اَخْلاق سارے سَنْوَر جائیں گے،      مَدَنی ماحول میں کرلو تُم اِعْتِکاف

جامِ عشقِ مُحمد بھی ہاتھ آئے گا،      مَدَنی ماحول میں کرلو تُم اِعْتِکاف

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نيڪ عملن جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! افسوس! اسان فڪرِ آخرت ڪرڻ بدران دنيا جي رنگينين ۾ مگن آهيون، عُمده عُمده گھرن جي تعميرات ۾ مصروف (Busy) آهيون، اسان پنهنجا گھر نهايت عاليشان طريقي سان سينگاريون ٿا۔ پنهنجي زندگي پيسن جي ڏيتي ليتي، عمده ۽ اعليٰ گاڏين جي چمڪ ڌَمڪ، خُوبصورت ۽ عاليشان محلّن جي آسپاس گذارڻ چاهيون ٿا، ٿورو سوچيو ته سهي اهي شيون ڪيستائين اسان جي ڪم اينديون؟ ڇا اهي سڀ قبر ۾ گڏ کڻي وينداسين؟ ڇا آخرت ۾ انهن شين جي بدلي نيڪيون ملي وينديون؟ بلڪل نه! اهي بينڪ بيلنس، ڌن دولت ۽ مال ۽ جائيداد سڀ هن دنيا ۾ رهجي ويندا ، قبر ۾ ڪجھ به نه ڪم ايندو، اتي جيڪڏهن ڪم ايندا ته صرف نيڪ عمل ڪم ايندا، منڪر نڪير جي سوالن ۾ ڪاميابي ڏياريندا ته نيڪ عمل ڏياريندا، قبر جي وحشت ۾ غمخواري جو سامان به نيڪ عمل ئي ڪندا، قبر جي تنگي به نيڪ عملن جي ڪري فراخي ۾ تبديل ٿيندي، قبر جي اندهيري ۾ نيڪ عمل ئي جڳمڳائندا، عذابِ قبر کان رُڪاوٽ بڻجندا ته نيڪ عمل ئي بڻندا ۽ صرف قبر ڇا قبر کان بعد ميدانِ محشر جي گرمي ۽ ان جي اُڃ کان، پُلِ صراط تي ڪاميابي سان گذرڻ، حساب ڪتاب ۽ جهنم جي عذاب کان به اسان