Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

ڌيءَ جو مڙس آهي، ابليس پنهنجي ڌيءَ جي ڪري ان دنيادار شخص وٽ ايندو ويندو آهي، تنهنڪري منهنجا ڀاءُ! جيڪڏهن اوهان شيطان کان محفوظ رهڻ چاهيو ٿا ته ان جي ڌيءَ (يعني دنيا) سان رشتو قائم نه ڪريو. (اَلْحَدِيقَۃُ النَّدِيۃ، ۱ /۱۹ ملخصا)

نيري اکين واري بدصورت پوڙهي

حضرت سيدنا فُضَيل بن عِياض رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، حضرت سيدنا عبداللہ  بن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُما جن فرمايو؛ قيامت جي ڏينهن نيري اکين واري نهايت بدصورت پوڙهي جنهن جا ڏند اڳيان نڪتل هوندا ماڻهن جي سامهون ظاهر ٿيندي ۽ انهن کان پڇا ڪئي ويندي؛ هن کي سڃاڻو ٿا؟ ماڻهو چوندا؛ اسان ان جي سڃاڻپ کان اللہ  عَزَّوَجَلَّ جي پناهه چاهيون ٿا، چيو ويندو؛ هي اها ئي دنيا آهي جنهن تي اوهان فخر ڪندا هئا، هن دنيا جي ڪري قطعِ رِحمي ڪندا يعني رشتيداريون  ٽوڙيندا هئا، انهيءَ جي ڪري هڪٻئي سان حسد ۽ دشمني ڪندا هئا، پوءِ ان (پوڙهي جھڙي دنيا) کي جهنم ۾ وڌو ويندو ته رڙيون ڪندي؛ اي منهنجا پروردگار عَزَّوَجَلَّ! منهنجي پيروي ڪرڻ وارا ۽ منهنجي جماعت ڪٿي آهي؟ اللہ  عَزَّوَجَلَّ فرمائيندو؛ انهن کي به ان سان گڏ ڪيو. (ذمُّ الدّنيا مع موسوعۃالامام ابن ابي الدنيا، ۵/ ۷۲ ،رقم۱۲۳)

دُنیا کو تُو کیا جانے یہ  بِس کی گانٹھ ہے حَرَّافہ

صورت دیکھو ظالم کی  تو کیسی بھولی بھالی ہے

شہد دِکھائے زہر پلائے،قاتل،ڈائن،شوہر کُش   اس مردار پہ کیا للچایا دنیا دیکھی بھالی ہے

مختصر وضاحت: (1) اها دنيا جيڪا بظاهر توکي سادڙي ۽ سڌي سادي نظر اچي رهي آهي، توکي خبر نه آهي ته اها ظالم دنيا ڪهڙي مڪار ۽ زهر جي ڀري آهي، ان وڏن وڏن جو خانو خراب ۽ ٻيڙو غرق ڪيو آهي۔