Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

ترجموڪنز الايمان: اللہ  جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي اللہ  ۽ قِيامَت تي اِيمان رکن ۽ نماز قائم ڪندا آهِن ۽ زڪوات ڏيندا آهِن

(ترمذي ، ڪتاب الايمان ، با ب ماجا ء في حرمۃ الصلوۃ ،۴/۲۸۰،رقم: ۲۶۲۶)

اللّٰه پاڪ اسان کي به مسجدون آباد ڪرڻ، نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔ نيڪين تي اِستقامت جي لاءِ چڱي صحبت نهايت ضروري آهي نه ته ڪڏهن اِنسان نيڪين جون فضيلتون پڙهي يا ٻڌي پنهنجو ذهن ته ٺاهيندو آهي جو هاڻ مون کي اللہ  پاڪ جي نافرماني ناهي ڪرڻي، بس هاڻي نيڪين سان ئي دِل لڳائي آهي پر بُري صحبت وچ ۾ ايندي آهي، جيڪا نيڪين تي اِستقامت ملڻ ۾ رُڪاوٽ بڻجندي آهي۔ ڪڏهن ڪڏهن نه ڪرڻ وارا ڪم اِنسان جو وقت برباد ڪرڻ سان گڏوگڏ تمام گھڻين نيڪين کان به محروم ڪندا آهن:

مان لڳڙ  اڏائڻ جو شوقين هئس!

بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ  پتنگ بازي جو شوقين هو، ويڊيو گيمز ۽ بلور راند کيڏڻ وغيره ان جي مشغلن ۾ شامل هو۔ هر هڪ جي مُعامَلي ۾ ٽنگ اَڙائڻ، ماڻهن سان جھيڙو ڪرڻ، ڳالھ ڳالھ تي ڦڏو ڪرڻ جهڙين بُرائين ۾ گِرِفتار هو۔ رَمَضانُ المُبَارَڪ جي آخري عَشَري ۾ پنهنجي عَلائقي جي مسجد ۾ اعتڪاف ڪيو، جتي ان کي سٺا سٺا خواب نظر آيا ۽ گھڻو سُڪون مليو۔ ان کان پوءِ ان وڌيڪ 2 سال اعتڪاف جي سَعَادَت حاصِل

 ڪئي۔ هڪ ڀيري ان جي مسجِد جي مُؤَذِّن صاحِب اِنفِرادي ڪوشِش ڪري اُن کي عالَمي مَدَني مرڪز فَيضانِ مدينه(باب المدينه ڪراچي) ۾ هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتِماع ۾ وٺي آيو۔ مُبَلِّغِ جي چهري جي ڪشِش ۽ نُورانيت ان جي دل کٽي ورتي ۽ هو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اُن هڪ مُٺ ڏاڙھي به سجائي ورتي آهي۔