Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

دل سے دنیا کی محبّت دُور کر       دل نبی کے عشق سے معمور کر

اَشک مت دنیا کے غم میں تُو بہا       ہاں نبی کے غم میں خوب آنسو بہا

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِڪاف“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دنيا جي مَحَبَّت کان پيڇو ڇڏائڻ، فڪرِ آخرت جو جذبو وڌائڻ ۽ نيڪين تي اِستقامت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف“ به آهي۔ موڪل واري ڏينهن شهر جي علائقن ۽ ڀر وارن ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي مسجدن کي آباد ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي عاشقان رسول کي نيڪي جي دعوت ڏئي علم دين سکڻ سيکارڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ يوْمِ تَعطِيل اِعتِـڪاف اسلامي ڀائرن کي سُنّتون، آداب ۽ مَدَني دَرس وغيره جو طريقو سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِدون آباد ٿين ٿيون ٭يومِ تَعطِيل اِعْتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجد ۾ گذرندڙ هر هر لَمحو عِبادَت ۾ شُمار ٿيندو ٭يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِد سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجو گھڻي کان گھڻو وَقت گُذارڻ جي فضيلت حاصل ٿيندي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پنهنجو گھڻو وَقت مسجد ۾ گذارڻ جي به ڇا خوب فضيلت آهي

حضرت سَيدُنا ابُو سَعِيد خُدرِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰي عَـنْه ڪان روايت آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نُـبُوّت صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن توهان ڪنهن شخص ڪي ڏسو ته هو مسجد ۾ ڪثرت سان اچ وڃ رکڻ وارو آهي ته ان جي اِيمان جي گواهي ڏيو ڇوته اللہ  عَزَّوَجَلَّ سيپاري 10،سُورَةالتَّوْبَه آيت نمبر 18 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّمَا یَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ وَ اَقَامَ الصَّلٰوةَ وَ اٰتَى الزَّكٰوةَ (پ ۱۰ ،التوبه :۱۸)