Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

سيپارو 27سُورَۃُ الْحَدِيد جي آيت نمبر20 ۾ ارشاد آهي:

اِعْلَمُوْۤا اَنَّمَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَا لَعِبٌ وَّ لَهْوٌ وَّ زِیْنَةٌ وَّ تَفَاخُرٌۢ بَیْنَكُمْ وَ تَكَاثُرٌ فِی الْاَمْوَالِ وَ الْاَوْلَادِؕ- (پ۲۷،الحديد:۲۰)

تَرجَمو ڪنز الايمان: يقين ڄاڻو ته دنيا جي زندگي ته فقط راند روند ئي آهي ۽ سينگار ۽ توهان جو هڪٻئي ۾ فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪٻئي تي زيادتي جي خواهش.

بيان ڪيل آيت سڳوري تحت تفسير صِراطُ الجِنان ۾ لکيل آهي: هن آيت ۾ دُنيا جي حقيقت بيان ڪئي پئي وڃي ته جيئن مسلمان ان طرف راغب

 نه ٿين ڇوته دُنيا تمام گھٽ نفعي واري ۽ جلد ختم ٿيڻ واري آهي۔ هن آيت ۾ اللہ  پاڪ دُنيا جي باري ۾ پنج (5) شيون بيان ڪيون آهن (1،2)… دنيا جي زندگي ته صرف راند روند آهي جيڪو ٻارن جو ڪم آهي ۽ صرف ان جي حصول ۾ محنت ۽ مشقت ڪندو رهڻ وقت ضائع ڪرڻ کان سوا ٻيو ڪجھ نه آهي۔(3)… دنيا جي زندگي زِينت ۽ آرائش جو نالو آهي جيڪو عورتن جو شيوو آهي۔ (4،5)…دنيا جي زندگي پاڻ ۾ فَخر ۽ غرور ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻئي تي زيادتي چاهڻ جو نالو آهي ۽ جڏهن دنيا جو هي حال آهي ۽ ان ۾ اهڙيون بُرائيون موجود آهن ته ان ۾ دل لڳائڻ ۽ ان جي حصول جي ڪوشش ڪندي رهڻ بدران انهن ڪمن ۾ مشغول هئڻ گھرجي، جن سان اُخروي زندگي سَنورجي سگھي ٿي۔ (صراط الجنان، 9/740)

اچو! هاڻي دنيا جي حقيقت جي باري ۾ بُزرگانِ دِينرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جا ڪجھ اِرشاد ٻڌو، جيئن ته

شيطان جي ڌيءَ

حضرت سيدنا علي خَـوَّاص رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ دنيا اِبليس لَعِين (يعني لعنتي شيطان) جي ڌيءَ آهي ۽ دنيا کان محبت ڪرڻ وارو هر شخص ان جي