Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

حقيقت جي نگاھ سان ڏسو ڇوته اها مصيبتن سان ڀرپور مقام آهي، هن جي خالِق هن جي مَذَمَّت ڪئي، هن جو نئون پُراڻو ٿي ويندو آهي ۽ ان کي چاهڻ وارو به مري ويندو آهي۔ اللہ  پاڪ توهان تي رحم فرمائي، غفلت مان بيدار ٿيو ۽ هن کان پهريان جو ننڊ مان اکيون کولي وٺو ته هي اعلان ڪيو وڃي: فُلاڻو شخص بيمار آهي ۽ ان جي بيماري شدت اختيار ڪري ورتي آهي، ڇا ڪا دوا آهي؟ يا ڪنهن ڊاڪٽر تائين وڃڻ جي ڪا صورت آهي؟ هاڻي توهان لاءِ حڪيمن (۽ ڊاڪٽرن) کي سڏيو ويندو آهي، پر شفا جي اُميد ختم ٿي ويندي آهي، پوءِ چيو ويندو آهي: فُلاڻي وَصِيّت (Will) ڪئي ۽ پنهنجي مال جو حساب ڪيو آهي۔ پوءِ چيو ويندو آهي: هاڻي ان جي زبان ڀاري ٿي وئي، هاڻي هو پنهنجن ڀائرن سان ڳالھ ٻولھ نه پيو ڪري ۽ پاڙيسرين کي نٿو سڃاڻي، هاڻي توهان جي پيشاني تي پسينو اچي ويو، روئڻ جو آواز اچڻ لڳو ۽ توهان کي موت جو يقين ٿي ويو، توهان جون پلڪون بند ٿيڻ سان موت جو گمان

يقين ۾ بدلجي ويو، زبان ڏڪي رهي آهي، تنهنجا ڀيڻ ڀاءُ روئي رهيا آهن، توهان کي چيو ويندو آهي ته هي تنهنجو فُلاڻو پٽ آهي، هي فُلاڻو ڀاءُ آهي، پر تون ڪلام ڪرڻ کان روڪيو ويو آهين، پوءِ تُون ڳالهائي نه سگھندين، تنهنجي زبان تي مهر لڳي وئي جنهن جي ڪري آواز نه پيو نڪري، پوءِ توکي موت اچي ويو ۽ تنهنجو رُوح عضوئن مان پوري طرح نڪري ويو، پوءِ ان کي آسمان ڏانهن کنيو ويو، ان وقت تنهنجا ڀائر گڏ ٿيندا آهن، پوءِ تنهنجو ڪفن کڻي ايندا آهن ۽ توکي غسل ڏئي ڪفن پارائيندا آهن۔ هاڻي تنهنجي عيادت ڪرڻ وارا خاموش ٿي ويهي رهندا آهن ۽ توسان حسد ڪرڻ وارا به آرامي ٿيندا آهن، گھر وارا تنهنجي مال ڏانهن مُتوجه ٿي ويندا آهن ۽ تنهنجا عمل گِروي ٿي ويندا آهن۔ (احياء العلوم، ڪتاب ذمّ الدنيا،بيان المواعظ في ذم الدنيا وصفتها، ۳/۲۶۰ملتقطاً)