Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

ڪمن ۾ عملي طور تي شامل ڪرڻ جي ترغيب ڏيارڻ جو سلسلو رهندو آهي، وقت بوقت واپارين جي مدني حلقن ۾ عاشقانِ رسول کي نماز جا مسئلا، مختلف موضوعن تي سُنّتون ۽ آداب سيکاريا ويندا آهن، دُعائون ياد ڪرايون وينديون آهن، مدرسة المدينه بالغان جي ذريعي واپارين ۾ به تعليمِ قرآن کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تری دُھوم مَچی ہو

 

اللہ  ڪريم اسان جي دلين مان دنيا جي مَحَبَّت دُور ڪري ۽ پنهنجي ۽

پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَحَبَّت عطا فرمائي۔

اٰمِــيْن بِـجَـاهِ الـنَّـبِـیِّ الْاَمِــيْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اسان ٻڌو ته

٭دنيا جي مَحَبَّت اوچتي موت جو سبب بڻجندي آهي۔

٭دنيا جي مَحَبَّت گناهن ۾ مبتلا ڪندي آهي۔

٭دنيا شيطان مردُود جي ڌيءَ آهي۔

٭دنيا جي مَحَبَّت موت، قبر ۽ آخرت جي تياري کان غافل ڪندي آهي۔

٭دنيا جي مَحَبَّت عمده لباس، سٺي غذا ۽ عاليشان گھر جي خواهش جو سبب بڻجندي آهي۔

٭دنيا جي مَحَبَّت سان مال ۽ دولت حاصل ڪرڻ جو حرص پيدا ٿي ويندو