Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

ٿا۔ هن کي ائين سمجھو جيئن ڪنهن شخص کي خوب بک (Hunger) لڳل هجي، سامهون برياني جي ديڳ پچي رهي هجي، برياني جي بهترين خوشبو دل و دماغ کي ڀلي لڳي رهي هجي، دل ان ڏانهن مائل هجي، وات ۾ پاڻي اچي رهيو هجي، دل ڪري رهي هجي ته سڄي ديڳ کائجي پر حقيقت ۾ ان مان ڪيترو کاڌو ويندو۔ برياني جي هڪ پليٽ ڪافي رهندي، اڃا گھڻي به کاڌي وڃي ته ٻه ٽي پليٽن کان بعد مزيد کائڻ جي گُنجائش نه رهندي۔ ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو پيٽ ڀرجي ويندو آهي پر جيءَ ڍاپبو ناهي، دل ڪري رهي هوندي آهي ته اڃا کائجي تمام بهترين ٺهيل آهي پر کائيندا ناهيون، ان ڪري جو وڌيڪ کائڻ جي گنجائش ئي ناهي رهندي، پيٽ ڀرجي ويو آهي ته وڌيڪ کاڌو ڪٿي ويندو، بلڪل اهڙي طرح اسان جيترو به ڪمايون، ڪروڙين اربين روپيا گڏ ڪريون، پر ان مان ايترو ئي کائينداسين جيتري سان پيٽ ڀرجي ويندو آهي۔ اهڙي طرح ڪپڙو به ايترو ئي استعمال ڪيو ويندو آهي جيتري سان هڪ سُوٽ بڻجي ويندو آهي، الغرض دُنيوي مال ۽ دولت جا اَنبار به گڏ ڪيا وڃن تڏهن به استعمال اوترو ئي ڪري سگھنداسين جيترو اسان ڪري سگھون ٿا، باقي سڀ جو سڀ دُنيا ۾ رهجي ويندو۔ جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي :

نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: انسان منهنجو مال منهنجو مال چوندو رهندو آهي جڏهن ته ان جي مال جا صرف ٽي حصا آهن: هڪ اهو جيڪو کائي ختم ڪري ڇڏيو ٻيو اهو جيڪو پائي پراڻو ڪري ڇڏيو ۽ ٽيو اهو جيڪو ڪنهن کي (راھ خدا ۾) ڏنو ۽ گڏ ڪري ورتو۔ ۽ ان جي علاوه جيڪو ڪجھ آهي سڀ ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ هو ان کي ٻين ماڻهن جي لاءِ ڇڏڻ وارو آهي۔ (مسلم،ڪتاب الزھد والرقائق،باب الدنياسجن للمؤمن وجنۃ للڪافر،ص ۱۲۱۰،حديث:۷۴۲۰)