Book Name:Maraz Se Qabr Tak
جي لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي ۽ ان جي هر قدم رکڻ تي ان جو هڪ گناھ مٽايو ويندو ۽ هڪ درجو بُلند ڪيو ويندو، جڏهن هو مريض سان گڏ ويهندو ته رحمت ان کي ڍڪي وٺندي ۽ پنهنجي گھر واپس موٽڻ تائين رحمت ان کي ڍڪي رکندي۔ (الترغيب و الترھيب، ڪتاب الجنائز، باب التر غيب في عيادۃ ۔۔الخ، ۴/ رقم ۱۳، ص ۱۶۳)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته مُسلمان جي عيادت ڪرڻ ڪيتري قدر فضيلت واري آهي جو ملائڪ مريض جي عيادت ڪرڻ واري خوش نصيب کي جنت ۾ ٺڪاڻي جي خوشخبري ڏيندو آهي۔ مريض جي عيادت ڪرڻ واري تي پنجهتر هزار ملائڪ رحمت جي ڇانو ڪندا آهن۔ مريض جي عيادت ڪرڻ واري جي هر قدم تي ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا آهن۔ مريض جي عيادت ڪرڻ واري تي رحمتِ الٰهي جي برسات ٿيندي آهي۔ تنهنڪري جڏهن ڪنهن مَحرم جي عيادت جي لاءِ وڃڻ ٿئي ته خيريت پڇڻ جي لاءِ خوش اخلاقي سان وڏو شفقت ڀريو لهجو اختيار ڪريو ۽ ان جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪريو جيئن ته حضرتِ سيدنا عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته امت جا غمخوار، بيڪسن جا مددگار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ڪنهن مريض جي عيادت جي لاءِ تشريف کڻي ويندا هئا ته فرمائيندا هئا: لَا بَأۡسَ طَهُوۡرٌ اِنۡ شَآءَ اللّٰه۔ يعني ڪنهن پريشانيءَ جي ڳالھ نه آهي اِنْ شَآءَالله اهو مرض گناهن کان پاڪ ڪرڻ وارو آهي۔ (بخاري، ڪتاب المناقب،باب علامات النبوة۔۔الخ، ۲/۵۰۵، حديث :۳۶۱۶)
یہ تِرا جسم جو بیمار ہے تشویش نہ کر یہ مرض تیرے گناہوں کو مٹا جاتا ہے
اصل آفت تو ہے ناراضی ربِّ اکبر اس کو کیوں بھول کے بر باد ہوا جاتا ہے
مريض جي عيادت ڪندي وقت اڄوڪي دور ۾ اهڙو ماحول به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عيادت جي لاءِ ايندڙ، مريض جي دلجوئي ڪرڻ بدران ان جي پريشاني ۽ دل آزاري جو سبب بڻجندا آهن۔ ڪڏهن ڪڏهن ته مريض جي عيادت جي لاءِ گڏجي کوڙ ماڻهو پهچي ويندا آهن ۽ ان جي مٿي تي بيهي طرح طرح جا سوال ڪندا آهن، بنا سبب جي بيماري بابت تفصيل پڇندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن مريض کان اهڙا