Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهن،ڪاروباري مصروفيتن جي ڪري اسان وٽ ڪنهن جي عيادت جي لاءِ وقت نه آهي، جڏهن ته مريض جي گھر وڃي عيادت ڪرڻ، ان جي دلجوئي جي لاءِ ان وٽ ويهڻ، ان کي نيڪي جي دعوت ڏيندي توبه ۽ استغفار جي ترغيب ڏيارڻ ۽ ان جي صحت جي لاءِ دعا ڪرڻ اجر ۽ ثواب جو سبب آهي۔

تُو سارے مریضوں کو اللہ شفا دیدے    اچھا ہے فقط وہ جو بیمارِ مدینہ ہے

افسوس مرض بڑھتا جاتا ہے گناہوں کا    دے دیجے شفا عرض اے سرکار مدینہ ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دينِ اسلام اسان کي حُسنِ اخلاق جو درس ڏيندي مريض جي دلجوئي ۽ ان جي غمخواري جي لاءِ ان جي عيادت جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان جا آداب به سيکاريا آهن۔ مريض جي عيادت سان ان جي تڪليف گھٽ ته ناهي ٿيندي پر ان جي دل ضرور خوش ٿيندي آهي۔ تنهنڪري اسان کي پنهنجن رشتيدارن سان گڏوگڏ اسپتالن ۾، موجود بيماراسلامي ڀينرن جي عيادت جي لاءِ به وڃڻ گهرجي.

اچو! مريض جي عيادت تي مشتمل (2) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو ۽ اخلاص سان عمل جي نِيت به ڪريو ۔ جيئن،ته

٭  ارشاد فرمايائون: جيڪو ڪنهن مريض جي عيادت ڪري ٿو يا الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پنهنجي ڪنهن مسلمان ڀاءُ سان ملڻ لاءِ ويندو آهي ته هڪ پڪارڻ وارو ان کي مخاطب ڪري چوندو آهي ته خوش ٿي وڃ ڇوته تنهنجو هي هلڻ مبارڪ آهي۽ تو جنت ۾پنهنجو ٺڪاڻو بڻائي ورتو آهي۔      

         (ترمذي، ڪتاب البر والصلة، باب ماجاء في زيارة… الخ،۳ /۴۰۶، رقم:۲۰۱۵)

٭  ارشاد فرمايائون: جنهن مريض جي عيادت ڪئي الله ڪريم ان تي پنجهتر (75،000) هزار ملائڪن جي ذريعي ڇانو ڪندو ۽ ان جي هر قدم کڻڻ تي ان