Book Name:Maraz Se Qabr Tak
پوءِ جڏهن هو گهر واپس آيون ته ان کي پنهنجي پٽ جي طبيعت پهريان کان بهتر ڏسڻ ۾ آئي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ وقت گزرڻ سان گڏو گڏ ان جو پٽ مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويو. ائين ڊاڪٽرن جا انديشا غلظ ثابت ٿيا ۽ سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي برڪت سان ان جو پٽ هلڻ ڦرڻ به لڳو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هاڻي ان جو سڄو گهر دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي جنت جي تيارين ۾ مصروف آهي ـ
مِرے غوث کا وسیلہ رہے شاد سب قبیلہ انہیں خُلد میں بسانا مدنی مدینے والے
جيڪڏهن توهان کي به دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي ذريعي ڪا مدني بهار يا برڪت ملي هجي ته آخر ۾ مدني بهار مڪتب تي جمع ڪرايو.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جيڪڏهن ڪنهن جو انتقال ٿي وڃي ته ڪڏهن ڪڏهن ان موقعي تي ڪيئي خلافِ شريعت ڪمن جو اِرتِڪاب ڪيو ويندو آهي، جن مان هڪ نوحو ڪرڻ يعني ميت جون خوبيون مبالغي سان گڏ (گهڻو وڌائي) بيان ڪري آواز سان روئڻ جنهن کي ”بين“ به چوندا آهن اهو بِالاِجماع حرام آهي۔ ائين واوَيلا، هاءِ مصيبت چِئي رڙيون ڪرڻ، گَرِبيان ڦاڙڻ، مُنهن پٽڻ، وار کولڻ، مٿي تي خاڪ وجھڻ، سينو پٽڻ، ران تي هٿ هڻڻ، اهي سڀ جاهليت جا ڪم ۽ حرام آهن، آواز سان روئڻ منع آهي ۽ آواز وڏو نه هجي ته ان جي منع نه آهي۔ (بهارِ شريعت،۱/۸۵۴،۸۵۵، بتغير قليل) ميت تي روئڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته بي صبري جي انتها ٿيندي آهي ۽ الله پاڪ جي ذات سان شڪوا شڪايات ڪندي ڪفريات به بڪيا ويندا آهن جنهن سان ٻانهي جو ايمان ضائع ٿي ويندو آهي۔
ٽن ڏينهن کان وڌيڪ سوڳ (ڏک)لهائڻ
ميت جي موقعي تي خلاف ِشريعت ڪمن مان هڪ ڪم ٽن ڏينهن کان وڌيڪ عرصي تائين سوڳ ملهائڻ به آهي جيڪو حرام آهي۔ اِسلام کان پهريان