Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

مٽي وڇائڻ سنت آهي۔ (ردالمحتار، ڪتاب الصلاۃ، باب صلاۃ الجنازۃ، مطلب في دفن الميت، ج۳، ص۱۶۵) ٭قبر جي ان حصي جيڪو ميت جي ويجھو آهي، پڪي سر لڳائڻ مڪروه آهي ڇوته سر باھ ۾ پچندي آهي۔ (الفتاوي الھنديۃ، ڪتاب الصلاۃ، الباب الحادي والعشرون في الجنائز، الفصل السادس ، ج۱، ص۱۶۶ ،وغيره) ٭ ممڪن هجي ته اندروني تختن تي يٰس شريف، سورۃ الملڪ ۽ دُرُودِ تاج پڙھي دم ڪيو وڃي۔        (مدني وصيت نامه ،ص۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نيڪن جي قرب جون برڪتون       

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ممڪن هجي ته پنهنجي مرحومن جي تدفين نيڪ ماڻهن جي قرب ۾ ڪرڻ کپي ڇوته ان جي برڪت سان مُردن تي به ڪرم ٿيندو آهي، اهي عذابِ الٰهي کان امن ۾ رهندا آهن ۽ انهن تي رحمتِ الٰهي جي ڇماڇم برسات ٿيندي آهي ۽ حديثِ پاڪ ۾ ان جي ترغيب به موجود آهي، جيئن نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: اَدْفِنُوْا مَوْ تَاکمْ وَسْطَ قَوْمٍ صَالِحِينَ، پنهنجن مُردن کي نيڪن جي وچ ۾ دَفن ڪريو۔ (ڪنزالعمال،۸/۲۵۴، الجزء الخامس عشر، الحديث :۴۲۳۶۴) 

اعليٰ حضرت، امام اهلسنت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: (مُردي کي) نيڪن جي قريب دفن ڪرڻ گھرجي جو ان جي قرب جي برڪت ان کي شامل ٿيندي آهي، جيڪڏهن مَعَاذَ الله مستحقِ عذاب به هوندو آهي ته هو شفاعت ڪندا آهن، اها رحمت جيڪا اُنهن تي نازل ٿيندي آهي هنن کي به ڍڪي وٺندي آهي۔    (فتاوي رضويه،۹/ ۳۸۵) 

تنهنڪري جيڪڏهن الله پاڪ جي ڪنهن نيڪ ٻانهي جي قرب ۾ آساني سان جڳھ ملي وڃي ته پنهنجن مُردن کي اتي دفن ڪرڻ گھرجي۔ جڏهن اولياءِ ڪرام جي ايتري عظمت ۽ فضيلت آهي جو ان جي قرب ۾ دفن ٿيڻ وارو عذابِ الٰهي کان محفوظ ٿي ويندو آهي ته پوءِ تمام اوليا ۽ انبيا جي سردار، حضور نبي رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قرب يعني جنت البقيع ۾ مدفون مسلمانن جي عظمت ۽ شان ڇا هوندو۔ الله ڪريم اسان کي مديني پاڪ ۾ ايمان ۽ عافيت سان شهادت ۽ جنَّتُ البقيع ۾ مَدفن ۽ جنتُ الفردوس ۾ پنهنجي حبيبصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي