Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

عرب ۾ بيوه عورت مڙس جي اِنتقال کان بعد هڪ سال تائين بُري گھر بُري لباس ۾ رهندي هئي ۽ تمام گھر وارن کان عليحدگي اختيار ڪندي هئي۔ (مرآۃ المناجيح، ۵/۱۵۱) ۽ ائين هڪ سال تائين سوڳ ڪندي هئي۔ پر اسلام اچڻ کان بعد تاجدارِانبياء، حبيبِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڙس جي علاوه ٻين رِشتيدارن جي (اِنتقال تي) سوڳ جي لاءِ ٽي (3) ڏينهن مُقرَّر فرمايا۔ (صحابه ڪرام کا عشقِ رسول ،ص۲۳۰) جڏهن ته زال پنهنجي مڙس جي وَفات تي عِدَّت جي مُدّت چار مهينا ڏھ ڏينهن تائين سوڳ ۾ رهندي۔ اَلبت ڪنهن قريبي (رِشتيدار) جي مري وڃڻ تي عورت کي ٽن

 ڏينهن تائين سوڳ ڪرڻ جي اِجازت آهي ان کان وڌيڪ جي (اِجازت) نه آهي۔ (ردالمحتار، ڪتاب الطلاق، فصل في الحداد، ج۵، ص۲۲۳)

جڏهن رَسُوْلُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ دَورِ جاهليت جي هن طريقي کي ختم فرمايو ته صحابيات رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنۡھُنَّ حضور جي هن فرمان تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اها غلط رسم ختم ٿي وئي۔ پوءِ جڏهن حضرت سَيدَتُنا زينب بنت حَجَش رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْها جي ڀاءُ جو اِنتقال ٿيو، ته اُنهن خوشبو گھرائي لڳائي ۽ چيائين ته مون کي خُوشبو جي ضرورت نه هئي پر مون پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مِنبَر تي اهو فرمائيندي ٻڌو آهي ته ڪنهن مُسَلمان عورت جي لاءِ جائز نه آهي ته اها ٽي ڏينهن کان وڌيڪ ڪنهن جو سوڳ ڪري پر مڙس جي انتقال تي چار مهينا ڏھ ڏينهن۔ (سنن ابي داود، ڪتاب الطلاق، باب احدادالمتوفي عنها زوجھا، ج۲،ص۴۲۲ ،حديث:۲۲۹۹) اهڙي طرح جڏهن اُمُّ المومنين حضرت سَيدَتُنا اُمِّ حَبِيبَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْها جا والد (حضرت ابُوسفيان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه) جو انتقال ٿيو ته انهن پنهنجن ڳِلن تي خُوشبو لڳائي ۽ چيائون مون کي ان جي ضرورت نه هئي، صرف حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم جي تعميل مَقصد هئي۔  (ابو داود، ڪتاب الطلاق،باب احدادالمتوفي عنهازوجھا، ج۲،ص۴۲۲، الحديث:۲۲۹۹)

سرد خاني ۾ رکائڻ

 ڪنهن جي فوت ٿيڻ تي خلافِ شريعت ڪمن مان هڪ رواج هي به عام ٿيندو پيو وڃي ته ميت جو پٽ وغيره شهر يا ملڪ کان ٻاهر هجن ته هي سوچي انهن جو انتظار (Wait) ڪيو ويندو آهي ته جيڪڏهن پٽ جنازي ۾ شريڪ نه ٿيندو