Book Name:Maraz Se Qabr Tak
ته جنازو ڪيئن ٿيندو۔ ماڻهو ڇا چوندا،اولاد ايتري بي وفا نڪتي آهي جو پيءُ جي جنازي ۾ به شامل نه ٿيو، تنهنڪري ان کي پهچڻ ڏيو، حالانڪ ان وقت ٻيا پٽ، ڌيئرون ڀيڻ ڀائر سڀ گھرن ۾ موجود هوندا آهن ۽ ان اچڻ واري کي موڪلون نه ملڻ، يا گاڏي/فلائٽ وغيره ليٽ ٿيڻ جي ڪري ڪافي دير ٿي ويندي آهي۔ اهڙي صورت ۾ ويچاري مردي تي جيڪو ظلم ڪيو ويندو آهي اهو ڪنهن سان لڪيل ناهي،ان بيوس ميت جي جسم کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي ته ان کي ڪولڊ اسٽوريج (سرد خاني) ۾ کرايو ويندو
آهي، جنهن سان اهو لاش (Dead body) برف بڻجي ويندو آهي ۽ مردي کي ان سان سخت تڪليف ٿيندي آهي۔
ٿورو غور ڪريو ته جڏهن اهو زندهه هو ۽ ان کي ڪا تڪليف پهچندي هئي ته سڀئي گھر وارا بي چين ٿي ويندا هئا، ان جي بيماري ۾ سڄي سڄي رات جاڳي ان جي سراندي ويهي گذاريندا هئا۔ ان کي ڪو ڪنڊو لڳندو هو ته ان جي تڪليف خود محسوس ڪندا هئا پر مرڻ کان پوءِ ان جي تمام محبتن کي فراموش ڪري خبر ناهي ڪيئن ويچاري کي سَرد خاني ۾ رکرائڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن۔
اهڙي طرح جڏهن غسل ڏيڻ جو مرحلو ايندو آهي ته علم دين کان محرومي يا مُردي کان اجائي خوف جي ڪري ميت جي گھروارن مان ڪو غسل ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي ٿيندو, ته پوءِ ڪو اهڙو شخص غسل ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌندو آهي جيڪو سُنَّتن ۽ آداب کان ناواقف هوندو آهي ۽ وڏي بي دردي سان ميت کي غسل ڏيندو آهي، جڏهن ته مردي کي غسل ڏيڻ وقت وڏي احتياط ۽ نرمي ڪرڻ گھرجي، حضرت سَيدُنا سُفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه کان روايت آهي ته مرڻ وارو هر شيء کي ڄاڻيندو آهي ايستائين جو غسل ڏيندڙ کي چوندو آهي تو کي خُداءِ رحمٰن جو قسم آهي تون غسل ۾ مون سان نرمي ڪر۔ (شرح الصدور، ص۹۵)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هئڻ ته ائين کپي ها ته پنهنجي گھر جي