Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

ڪرڻ“ ۽ ان جي طرفان ”صدقو ڪرڻ“ آهي۔   (فردوس الاخبار، ۲/۳۳۶، حديث: ۶۶۶۴)

ايصالِ ثواب جي باري ۾ مزيد معلومات جي لاءِ شيخ ِ طريقت ،امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو رسالو ”فاتحه ۽ ايصالِ ثواب جو طريقو“ مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪري پاڻ به مطالعو (Study) ڪريو ۽ ٻين اسلامي ڀينرن کي به تحفي طور پيش ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

بيان جو خلاصو

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اڄ جي بيان ۾ اسان مرض کان قبر تائين

ڪجھ اهم مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اسان ٻڌو ته

٭ مريض جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ وڃڻ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سُنت آهي۔

٭ مريض جي عيادت ڪرڻ واري جا گناھ معاف ٿيندا آهن۔

٭ مريض کي عيادت ڪرڻ واري جي ڳالهين مان تڪليف ٿئي ته جلدي اُٿي وڃڻ گھرجي۔

٭  نزع جي وقت مريض وٽ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ گھرجي۔ 

٭ مريض وٽ ويهي ذڪر الله جو ورد ۽ ڪلمي شريف جي تلقين ڪرڻ گھرجي۔

٭ غسل ڏيڻ وقت نرمي نه ڪرڻ ۽ ميت کي سرد خاني ۾ رکرائڻ مردي جي لاءِ تڪليف جوعمل آهن۔

٭ مرڻ کان بعد پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي خير خواهي ڪندي ايصال ثواب ڪرڻ سان نه صرف اسان جي نيڪين ۾ اضافو ٿيندو آهي بلڪ مرڻ واري کي ان جا فائدا (Benefits) حاصل ٿيندا آهن۔

     الله ڪريم اسان کي انهن مدني گلن کي ياد رکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔