Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

شريعت ج۳ص۵۰۵) ٭ جيڪڏهن بيمار سان اوهان جي دل ۾ ناراضگي يا طبيعت ۾ ان سان مناسبت ناهي تڏهن به عيادت ڪريو. ٭ سنّت جي پيروي جي نيّت سان عِيادت ڪجي جيڪڏهن رڳو هن جي لاءِ عيادت ڪئي ته جڏهن مان بيمار ٿيان ته هو مون وٽ عيادت جي لاءِ اچي ته ثواب نه ملندو. ٭ ڪنهن جي عِيادت جي لاءِ وڃو ۽ مَرَض جي سختي ڏسو ته ان کان ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون نه ڪريو مثلاً تنهنجي حالت خراب آهي ۽ نه ئي ان انداز سان مٿو هلايو جنهن سان حالت جو خراب هجڻ سمجهيو وڃي. ٭ عيادت جي موقعي تي مريض يا ڏکايل شخص جي سامهون پنهنجي چهري تي رنج ۽ غم جي ڪيفيت ظاهر ڪريو. ٭ ڳالهه ٻولهه جو انداز

هرگز اهڙو نه هجي جو مريض يا سندس رشتيدارن کي وسوسا اچن ته هي اسان جي پريشاني تي خوش ٿي رهي آهي! ٭ مريض جي رشتيدار اسلامي ڀينرن سان به همدردي جو اظهار ڪريو ۽ جيڪڏهن خدمت يا مدد ڪرڻ چاهيو ته ڪريو. ٭ مريض وٽ وڃي ڪري طبعيت پڇو ۽ هن جي لاءِ صحّت ۽ عافيت جي دُعا ڪريو. ٭ مريض کان پنهنجي لاءِ دُعا ڪرايو مريض جي دُعا رد ناهي ٿيندي. ٭ عِيادت ڪندي موقعي جي مناسبت سان مريض کي نيڪي جي دعوت به پيش ڪجي، خُصوصاً نماز جي پابندي جو ذهن ڏجي ڇو ته بيماري ۾ ڪيتريون ئي نمازي به نمازن کان غافل ٿي وينديون آهن. ٭ مريض جي ڀرسان گهڻي دير تائين نه ويهو ۽ نه گوڙ ڪريو ها جيڪڏهن بيمار پاڻ ئي دير تائين ويهارڻ جي خواهش مند آهي ته ممڪن هجي ته اوهان هن جي جذبن جو احترام ڪريو. ٭ بيمار جي عِيادت جي موقعي تي تحفو ڏيڻ سٺو ڪم آهي پر نه ڏيڻ جي صورت ۾ عِيادت ئي نه ڪرڻ ۽ دل ۾ هي خيال ڪرڻ ته جيڪڏهن ڪجهه نه کڻي ويندَس ته اهي ڇا سوچينديون ته خالي هٿين عِيادت جي لاءِ آئي آهي۔ خالي هٿ به عِيادت ڪرڻ ئي گهرجي نه ڪرڻ ثواب کان محرومي جو باعث آهي.  ٭فاسِق جي عِيادت به جائز آهي، ڇو ته عِيادت اسلام جي حقن مان آهي ۽ فاسق به مسلمان آهي. (بهار شريعت ج 3، ص 505)