Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

قدمن ۾ جڳھ عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

 

ایمان پہ دے موت مدینے کی گلی میں    مدفن مرا محبوب کے قدموں میں بنادے

اللہ کرم اتنا گنہ گار پہ فرما       جنّت میں پڑوسی مرے آقا کا بنادے

 

مُردن کي ايصالِ ثواب سان فائدو پهچايو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مُردي جي تدفين کان بعد ان جي لاءِ دعاءِ مغفرت ۽ ايصالِ ثواب جو مرحلو ايندو آهي جيڪو قيامت تائين جاري رهندو آهي ۽ مُردو هميشه پنهنجي گھر وارن جي ايصال ثواب جي انتظار ۾ رهندو آهي ڇوته جيستائين هو زنده هو ته ان جا وَالِدين، ڀيڻ ڀائر ۽ دوست عزيز وغيره موجود ان جي هر ڏُک درد ۽ آزمائشن ۾ ان سان گڏ رهندا هئا ۽ ان جو غم هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا پر جڏهن هو سڀني کي ڇڏي تنگ ۽ اونداهي قبر ۾ آيو ته نه والدين ان سان گڏ آهن، نه ڀيڻ ڀاءُ، نه اهل وعيال، ايستائين جو ان جا دوست احباب به ان کان پري ٿي ويا ۽ هي قبر ۾ اڪيلو رهجي ويو۔ جيڪڏهن اسان چاهيون ٿيون ته پنهنجي فوت ٿيل مسلمانن سان خير خواهي ڪريون قبر جي اڪيلائپ ۾ ان کي خُوشي ڏيون، ان جي راحت جو سامان ڪريون ته ان جي لاءِخُوب خُوب بخشش جي دعا ۽ ايصالِ ثواب جا تحفا پيش ڪريون ڇوته ايصالِ ثواب سان مُردي کي خُوشي ٿيندي آهي ۽ ان تي رحمتِ الٰهي جي برسات ٿيندي آهي ۽ مُردن کي پنهنجن زنده رشتيدارن جي طرفان ايصالِ ثواب جو شدت سان انتظار رهندو آهي، جيئن ته

رسولِ خدا،حبيب ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: قبر ۾ مُردي جو حال ٻڏندڙ انسان جيان آهي جيڪو شدّت سان انتظار ڪندو آهي ته پيءُ يا ماءُ يا پٽ يا ڪنهن دوست جي دعا ان کي پهچي ۽ جڏهن ڪنهن جي دعا ان کي پهچندي آهي ته ان جي ويجھو اها دنيا ۽ ان ۾ جيڪو ڪجھ آهي سڀ کان بهتر هوندي آهي۔ الله عَزَّ وَجَلَّ قبر وارن کي ان جي زندهه متعلقين جي طرفان هدِيو ڪيل ثواب جبلن جي برابر عطا ڪندو آهي، زندهه جو تحفو مُردن جي لاءِ ”دعاءِ مغفرت