Book Name:Maraz Se Qabr Tak
اِجتِماع ۾ گُھريون ويندڙ دُعائون قبول ٿينديون آهن، ان جي علاوه صحابَه ڪرام ۽ اولياءِ ڪرام جي سيرتِ مبارڪه تي به بيان ٿيندا آهن۔ ۽ جيڪي خوش نصيب عاشقانِ رسول هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع ۾ شرڪت ڪري امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه انهن کي هيئن دعاءِ مدينه سان نوازيندا آهن۔
| جو پابند ہے اجتماعات کا بھی |
| میں دیتا ہوں اس کو دعائے مدینہ |
اچو! تَرغِيب طور هفتيوار اِجتِماع ۾ حاضِري جي هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ اِجتِماع ۾ پابندي سان حاضِر ٿيڻ جي نِيت ڪريو۔ جيئن ته
باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ کي ڪجهه اسلامي ڀينرون نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ ان جي گهر وينديون هيون،ان کي اسلامي ڀينرن جي هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۽ علاقائي دورو برائي نيڪي جي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت پيش ڪئي ويندي پر اها سستي جي ڪري هن سعادت کان محروم رهندي. هڪ ڏينهن اوچتو ان جي پٽ جي طبيعت خراب ٿي وئي، ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ته ان انديشو ظاهر ڪيو ته شايد هي ٻار سڄي عمر ٽنگن جي سهاري هلي نه سگهي، وڌيڪ هي ته ان جو دماغي توازُن به صحيح ناهي رهيو. اهو ٻڌي هوءَ اسلامي ڀيڻ تمام گهڻو غمگين ٿي، هڪ ڏينهن اهي ئي اسلامي ڀينرون وري نيڪي جي دعوت جي لاءِ آيو، انهن هن اسلامي ڀيڻ جي چهري تي پريشاني جا آثار ڏٺا ته همدردي ڪندي پڇو خيريت ته آهي پريشان ڏسڻ پيون اچو؟ ان سڄو معاملو ٻڌايو پوءِ اسلامي ڀينرن ان کي گهڻو حوصلو ڏنو ۽ چيائون ته توهان دعوت اسلامي جي 12 هفته وار سنتن ڀري اجتماعن ۾ پابندي سان شرڪت ڪريو ۽ اتي پنهنجي پٽ جي لاءِ دعا به گهرو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ توهان جو پٽ صحتياب ٿي ويندو. ته پوءِ ان اسلامي ڀيڻ 12 اجتماعن ۾ شرڪت جي پڪي نيت ڪئي، جڏهن اهي پهريون ڀيرو سنتن ڀري اجتماع ۾ شريڪ ٿيون ۽ جڏهن اتي رقت انگيز دعا ٿي ته ان به پنهنجي ربّ ڪريم کان پنهنجي جگر جي ٽڪڙي جي صحتيابي جي لاءِ روئي دعا گهري، اجتماع کان