Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

   وہ کہ آفات میں مبتلا ہیں           جو گرفتارِ رَنج و بَلا ہیں

  فضل سے ان کو صبر و رِضا کی       میرے مولیٰ تُو خیرات دیدے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سڪرات جي وقت ڇا ڪرڻ گھرجي

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڪڏهن عيادت جي لاءِ ڪنهن اهڙي مريض وٽ به وڃڻ ٿيندو آهي جنهن ۾ موت جون علامتون نظر اينديون آهن ۽ ان تي سڪرات جو وقت هوندو آهي، ائين لڳندو آهي ته بس ڪجھ ئي دير ۾ ان جو رُوح نڪري ويندو۔ اهڙي صورت ۾ روئڻ ررڙيون ڪرڻ بدران صبر سان ڪم وٺي اهو ذهن بنائڻ گھرجي ته جيڪو هن دنيا ۾ آيو آهي ان کي هڪ ڏينهن هتان وڃڻو به آهي بلڪ ان وانگر اسان کي به هڪ ڏينهن مرڻو پوندو ۽ ان کان بعد وارن مرحلن مان گذرڻو پوندو۔ ياد رکو! جنهن تي سڪرات جو عالَم طاري هجي ان جو هڪ هڪ لمحو اسان کي به موت جي ياد ڏياري ٿو پر اسان پنهنجي موت کي وساري خبر ناهي ڪهڙي ”سڀاڻي“ جي انتظار ۾ مطمئن ٿي ويٺيون آهيون ته جنهن ۾ گُناهن کان توبه ڪنديون سين، پنهنجي بداعمالين کي ڇڏي نيڪيون شروع ڪنديون سين، هر ڏينهن اُٿندڙ جنازا خبر ناهي ڇو اسان کي غفلت مان جھنجھوڙي نه ٿا بيدار ڪن۔

       حضرت سَيدُنا منصور بن عمار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه هڪ نوجوان کي نصيحت ڪندي فرمايائون: اي نوجوان! تو کي تنهنجي جواني ڌوڪي ۾ نه وجھي ڪيترا ئي نوجوان اهڙا هئا جن توبه ۾ تاخير ڪئي ۽ وڏيون وڏيون اُميدون رکي موت کي وساري اهو چوندا رهيا ته سڀاڻي توبه ڪري وٺنداسين، پرهين توبه ڪنداسين ايستائين جو انهيءَ غفلت جي حالت ۾ ملڪ الموت عَلَيه السَّلَام اچي ويو ۽ اهي قبر جي حوالي ٿيا۔ (مڪاشفۃ القلوب، باب في العشق، ص۳۴)

          ياد رکو! نزع جو وقت نهايت ئي سخت هوندو آهي جيڪو ان ڪيفيت مان گذري ٿو اهو ئي ان جي سختين کي محسوس (Feel) ڪري سگھي ٿو، جيڪڏهن