Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

مُردو قَبر مان نڪري دُنيا وارن کي موت جي تڪليف جي ڪيفيت ٻڌائي ته انهن جي زِندگي جو چين ۽ سُڪون برباد ٿي وڃي۔ نزع جي سختين جو تذڪرو ڪندي حضرت سيدُنا شَدّاد بن اَوس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا:مومن تي دُنيا ۽ آخرت ۾ موت کان وڌيڪ ڪا خوفناڪ شيء نه آهي جو ان جي تڪليف آرين جي چِيرڻ، قينچين جيڪٽڻ ۽ ديڳڙين ۾ ٽهڪائڻ کان به وڌيڪ آهي، جيڪڏهن ڪو مُردو قَبر مان نڪري دُنيا وارن کي موت جي باري ۾ ٻڌائي ته ماڻهو زِندگي مان ڪو نَفعو کڻي نه سگھن نه ئي ننڊ ۾ ڪو سُڪون محسوس ڪن۔  (احياء العلوم،ج۵ص۲۰۹)

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته موت جو جام ڪهڙو ڪڙو آهي جو جيڪو نه چاهيندي به هر هڪ کي پيڻو پوندو آهي۔ نزع جو وقت اهڙو نازُڪ هوندو آهي جو ان ۾ هڪ پاسي ته موت جون هي مصيبتون ۽ ٻي پاسي شيطان لَعِين جا حملا (Attacks)۔ ڇوته شيطان موت جي وَقت اِيمان برباد ڪرڻ جي لاءِ طرح طرح جا حيلا بهانا اِستعمال ڪندو آهي، ايستائين جو ماءُ پيءُ جي صورت اختيار ڪري به بعضن جي اِيمان تي ڌاڙو وجھندو آهي ۽ غيرمسلمن کي دُرُست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔

          اهڙي موقعي تي الله رَحمٰن جو جنهن تي خاص ڪرم ۽ اِحسان ٿيندو آهي، هو شيطان جي هٿان پنهنجو ايمان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي۔ اهڙي حالت ۾دينِ اسلام اسان کي هڪ مسلمان سان خيرخواهي ڪرڻ جو ڇا حڪم ڏنو آهي ۽ رُوح نڪرڻ کان پهريان ۽ بعد ۾ ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گھرجي، اچو! ان باري ۾ ڪجھ اَهم (Important) مدني گل ٻڌون ٿيون جن تي عمل ڪرڻ نه صرف اسان جي لاءِ بلڪ ان مرڻ واري جي لاءِ به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه  عَزَّوَجَلَّ  نهايت مفيد ثابت ٿيندو۔ ٿي سگهي ته ٻڌڻ سان گڏو گڏ ان جو تصور ائين ڪريو ته عنقريب اهو سڀ ڪجهه مون سان به ٿيڻ وارو آهي، اڄ جيڪي ڪجهه مان ڪنهن مرڻ واري سان معاملا ڪري رهيو آهيان، جلدي ئي مون کي به آخرت جي سفر ڏانهن وڃڻو آهي، الله ڪري ان کان پهريان پهريان منهنجي اکين مان به غفلت جو پردو هٽي وڃي ۽ مان به جيئري ئي پڪو نمازي بڻجي وڃان، ٻين فرضن ۽ واجبن کي ادا