Book Name:Maraz Se Qabr Tak
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجن عيادت فرمايائون
حضرتِ سَيدُنا حصين بن وَحوَح انصاريرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا طلحه بن براء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه بيمار ٿيا ته اُمَّت جا غمخوار، مڪي مدني سرڪارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي عيادت جي لاءِ تشريف فرما ٿيا، جڏهن ته سياري جو موسم هو ۽ آسمان تي ڪڪرَ ڇانيل هئا، واپسي تي حضرت طلحه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جي گھروارن کي فرمايائون ته هاڻ انهن جو آخري وقت معلوم ٿئي ٿو، مون کي خبر ڪجو ته مان انهن جي جنازي نماز پڙھان ۽ انهن جي تجهيز (دفن جي لاءِ تيار ڪرڻ) ۾ جلدي ڪجو۔ حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ محله بني سالم تائين پهتا هئا ته انهن جي وفات ٿي وئي۔ حضرت طلحه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه رات شروع ٿيڻ تي پنهنجي گھروارن کي وَصيت (Will) ڪئي هئي ته جڏهن مان مران ته مون کي دفن ڪري