Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

ڇڏجو ۽ حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نه سڏجو، مون کي غير مسلمن طرفان انديشو آهي ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي منهنجي سبب کان ڪا تڪليف نه پهچائن، انهن جي گھروارن ائين ئي ڪيو۔ صبح نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خبر پئي ته پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت طلحه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جي قبرِمبارڪ تي آيا، صحابَه ڪرام صف ٺاهي پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هٿ کڻي دعا ڪئي:اي الله پاڪ!طلحه سان تنهنجي ملاقات ان حال۾ٿئي جو هو مرڪندا هجن۔  (المعجم الڪبير،۲۸/۴، حديث : ۳۵۵۴، ملخصاً)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اوهان ڏٺو ته اسان جا پيارا۽ غمخوار آقا
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سخت سردي جي باوجود پنهنجي پياري صحابي حضرت طلحه بن براء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جي عيادت جي لاءِ تشريف کڻي ويا ۽ جڏهن انهن جي وفات ٿي ته انهن جي قبر تي وڃي انهن جي لاءِ بخشش جي دعا به ڪئي۔ پر افسوس! اڄوڪي  دؤر ۾ اسان هن پياري سُنَّت جي ادائيگي ۾ به سستي جو مظاهرو ڪنديون آهيون، دُنياوي مال ۽ دولت حاصل ڪرڻ ۾ مست ٿي اسان اهو وساري ڇڏيو ته هڪ مسلمان جو ٻئي مسلمان تي حق آهي، اسان اهو وساري ڇڏيو ته حقيقي مسلمان هڪٻئي جي ڏُک درد ۾ شريڪ ٿيندا آهن، اسان اهو وساري ويٺيون سين ته هڪ حقيقي مسلمان بيمار، تنگدست ۽ پريشان حال جي مدد ڪرڻ وارو هوندو آهي۔ اڄ اسان جي حالت کي خبر ناهي ڇا ٿي ويو آهي جو سڳن ڀينرن ڀائرن ۾ مَحَبَّت ختم ٿيندي پئي وڃي، ڀاءُ سڪرات جا آخري پساھ کڻي رهيو هوندو آهي ۽ ٻيو ڀاءُ پُراڻن جھيڙن جھٽن کي بنياد بڻائي آخري ڀيري ان کان ملڻ تائين نٿو وڃي،اڳي ائين هوندو هو ته ڪنهن سبب ٻن ماڻهن ۾ لڙائي ٿي وئي ته ٽيون نرمي سان سمجهائي ڇڏيندو هو، ڇڏرائيندو هو، پر بدقسمتي سان سوشل ميڊيا جي هن دؤر ۾ هاڻي نوبت ايتري تائين پهچي چڪي آهي جو ٻه وڙهي رهيا هجن ته ٽيون ويڊيو بڻائي رهيو هوندو آهي،ڪنهن جو ايڪسڊينٽ (Accident) ٿي وڃي ته ان کي اسپتال کڻي وڃڻ وارو ڪو نه هوندو آهي، بلڪ بدقسمتي سان بري ذهنيت جا مالڪ ناواقف ان مريض جو سامان مثال طور موبائيل، پيئسا، زيور کڻڻ