Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

ڪرڻ سان گڏو گڏ سنتن جو عامل بڻجي وڃان، پڪي ۽ سچي توبهه نصيب ٿي وڃي، اي ڪاش مان سڌرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان جيئن ته

٭ جڏهن مريض تي موت جون علامتون ظاهر ٿين ته سُنَّت هي آهي ته ساڄي پاسي ليٽائي قبلي ڏانهن مُنهن ڪريو۔ (ائين ڪرڻ ۾ مريض کي تڪليف ٿئي ته

 ائين نه ڪريو۔) ٭ قريبُ المرگ (يعني مرڻ جي ويجهو) هجي ته ان کي تلقين ڪريو، يعني ان جي ويجھو وڏي آواز سان پڙھو: اَشھَدُ اَن لَّا اِلٰه اِلَّا ﷲُ وَاَشھَدُ اَنَّ مُحَمَّداً رَّسُولُ اﷲ" پر ان کي پڙھڻ جو حڪم نه ڏيو۔ ٭ جڏهن ان ڪلمو پڙھي ورتو ته تلقين بند ڪريو۔ جيڪڏهن ڪلمو پڙھڻ کان بعد ان ڪا ڳالھ ڪئي ته ٻيھر تلقين ڪريو جو ان جا آخري لفظ "لَا اِلٰه الَّا ﷲ مُحَمَّدرَّسولُ الله" هجن ٭ تلقين اهو ڪري جيڪو نيڪ هجي، ڇوته ان وقت نيڪ ۽ پرهيز گار ماڻهن جو هئڻ تمام سٺي ڳالھ آهي ۽ ان وقت مريض وٽ سوره يٰس شريف جي تلاوت ڪئي وڃي ۽ اتي خوشبو هئڻ مستحب آهي۔ ٭ ڪوشش ڪئي وڃي ته گھر ۾ ڪا تصوير يا ڪتو نه هجي، جيڪڏهن اهي شيون هجن ته هڪدم ڪڍي ڇڏيو ڇوته جتي اهي شيون هونديون آهن اتي رحمت جا ملائڪ نه ايندا آهن۔ ٭ جڏهن روح نڪري وڃي ته هڪ ويڪري پٽي ڄاڙي جي هيٺ کان مٿي ڏانهن کڻي ڳنڍ لڳائي ڇڏيو ته جيئن منهن کليو نه رهي ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيو ۽ اڱريون ۽ هٿ پير سڌا ڪري ڇڏيو، ان جي گھر وارن ۾ جيڪو وڌيڪ نرمي سان ڪري سگھندو هجي پيءُ يا پٽ اهو ڪري۔   (بهارِ شريعت،۸۰۷،۸۰۸/۱،ملخصاً)

مرڻ گھڙي ڪلمو پڙھڻ جي فضيلت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جيڪڏهن ڪڏهن اهڙو موقعو اچي ته اسان پنهنجي عزيز ۽ رشتيدار، دوست احباب يا ڪنهن به مسلمان کي ان ڪيفيت ۾ ڏسون ته انهن مدني گلن تي عمل ڪرڻ ۾ هرگز سستي (Laziness) سان ڪم نه وٺون ڇوته اسان جي ٿورڙي توجھ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مرڻ واري جي لاءِ نجات ۽ مغفرت جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔ خاص ڪري مرڻ واري کي ڪلمي شريف