Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

تجهيزوتڪفين به آهي جنهن جو مقصد مسلمانن کي غسل ۽ ڪفن جي باري ۾ اهم شرعي مسئلن کان آگاھ ڪرڻ، مجلس جي اسلامي ڀائرن جي وقت بوقت تربيت ڪرڻ، تربيت يافته اسلامي ڀائرن جو مسلمانن جي خير خواهي ڪندي مُردي جي غسل ۽ ڪفن جو اهتمام ڪرڻ ۽ لواحقين (رشتيدار) کي صبر جي تلقين ڪرڻ آهي۔ ڪنهن جي انتقال تي پنهنجي علائقي ۾مجلسِ تجهيزوتڪفين جي متعلق اسلامي ڀائرن سان رابطو ڪري ميت جي غسل ۽ ڪفن جي ترڪيب بڻائي سگھجي ٿي۔

قبر ڪيئن هئڻ گھرجي

            پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دين کان دُوري جي سبب اڄڪلھ ميت کي دَفنائڻ وقت به خلافِ سُنَّت طريقي تي قبر کوٽي ويندي آهي قبرستانن ۾ هڪ ڏيڍ فٽ کوٽڻ کان بعد ان ۾ بلاڪ جي ديوار ٺاهي قبر بڻائي ويندي آهي ۽ قبر جو اڪثر حصو زمين جي مٿي هوندو آهي اهو طريقو غلط آهي. ٭ سُنَّت هي آهي ته قبر گهري کوٽي وڃي، قبر جي ڊگھائي ميت جي قد جي برابر هجي ۽ ويڪرائي اڌ قد جي ۽ گهرائي نصف قد جي ۽ بهتر هي آهي ته گهرائي به قد برابر هجي ۽ درمياني درجو اهو جو سيني تائين هجي۔ (ردالمحتار، ڪتاب الصلاۃ، باب صلاۃ الجنازۃ، مطلب في دفن الميت، ج۳، ص۱۶۴) ٭ قبر ٻن قسمن جي هوندي آهي، (1) لحد، قبر کوٽي ان ۾ قبلي ڏانهن ميت جي رکڻ جي جڳھ کوٽي وڃي ۽ (2) صندوق (ثامي) جيڪا عام طور رائج آهي، لحد سنت آهي جيڪڏهن زمين ان قابل هجي ته ائين ئي ٺاهيو ۽ نرم زمين هجي ته صندوق(ثامي) ۾ حرج ناهي۔ (الفتاوي الھنديۃ، ڪتاب الصلاۃ، الباب الحادي والعشرون في الجنائز، الفصل السادس، ج۱، ص۱۶۵) ٭ قبر ۾ فراسي وغيره وڇائڻ ناجائز آهي جو بي سبب مال ضائع ڪرڻ آهي۔ (ردالمختار، ڪتاب الصلاۃ، باب صلاۃ الجنازۃ، ج۳، ص۱۶۴) ٭ ميت کي ڪنهن ڪاٺي جي صندوق ۾ رکي دفن ڪرڻ مڪروه آهي، پر جڏهن ضرورت هجي مثال طور زمين گھڻي آلي آهي ته حرج نه آهي۔ (الفتاوي الھنديۃ، ڪتاب الصلاۃ، الباب الحادي والعشرون في الجنائز، الفصل السادس، ج۱، ص۱۶۶.و الدر المختار، ڪتاب الصلاۃ، باب صلاۃ الجنازۃ، ج۳، ص۱۶۵، وغيرهما) ٭ جيڪڏهن تابوت ۾ رکي دفن ڪريو ته سُنَّت هي آهي ته ان ۾ مٽي لڳايو ۽ ساڄي کاٻي ڪچيون سرون لڳايو ۽ مٿان مٽي جي لپائي ڪريو ته جيئن اندر جو حصّو لحد جيان ٿي وڃي ۽ لوھي تابوت مڪروه آهي ۽ قبر جي زمين آلي هجي ته