Book Name:Maraz Se Qabr Tak
پڙهندس، دورانِ بيماري به نماز قضا نه ٿيڻ ڏيندس، خوب خوب نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائيندس، 12 مدني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺندس، مدني قافلن جو مسافر ٿيندس، مدني انعامات جو عامل بڻجندس وغيره ڪنهن مصيبت يا بيماري تي صبر ڪرڻ جون گھڻيون فضيلتون آهن، اچو ان باري ۾ ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو، جيئن ته
٭ ارشاد فرمايائون: جنهن جي مال يا جان ۾ مصيبت آئي پوءِ هن ان کي لِڪايو ۽ ماڻهن تي ظاهر نه ڪيو ته الله عَزَّوَجَلَّ تي حق آهي ته ان جي مغفرت فرمائي۔
(المعجم الڪبير،۱۱/۱۴۸، حديث:۱۱۴۳۸)
٭ ارشاد فرمايائون: مسلمان کي بيماري، پريشاني، رنج، تڪليف ۽ غم مان جيڪا مصيبت پهچندي آهي ايتري تائين جو ڪنڊو به چُڀندو آهي ته اللهعَزَّوَجَلَّ ان (مصيبت) کي سندس گناهن جو ڪفّارو بڻائي ڇڏيندو آهي.“
(بخاري، ڪتاب المرضي، باب ماجاء في ڪفارۃ المرض،۴/۳،حديث:۵۶۴۱)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مُهلڪ (ماريندڙ) بيمارين کان بچاؤ
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته بيماري ۾ صبر ڪرڻ وڏي اجر ۽ ثواب جو ڪم آهي ۽ بيمار شخص جي لاءِ ڪيتريون ئي خوشخبريون آهن جو بيماري سبب گناھ معاف ٿيندا آهن ايستائين جو پيرن ۾ ڪنڊو چُڀي ته اهو به گناهن جو ڪفارو بڻجي ويندو آهي، ياد رکو! دُنيا جي ٻين مذهبن ۾ بيماري کي رڳو آفت ۽ مصيبت ئي سمجھيو ويندو آهي جڏهن ته دينِ اسلام اهڙو پيارو مذهب آهي جو جتي صحت ۽ تندرستي کي نعمت قرار ڏي ٿو اتي بيمارين ۽ تڪليفن کي به رحمت سان تعبير ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته بيماريون جتي گناهن کي بخشائڻ جو ذريعو آهن اتي ڪجهه معمولي بيماريون مهلڪ بيمارين کان بچاؤ جو ذريعو به هونديون آهن۔ جيئن ته حڪيمُ الامت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: ٭ زُڪام بيماري نه آهي بلڪ دماغي بيمارين جو علاج آهي۔ ان سان ڪيئي مرض