Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

سوال پڇا ويندا آهن جو جواب ۾ مريض ويچارو شايد ڪوڙ به ڳالهائي ڇڏيندو هوندو، جي ها امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مسلمان امتين جي خير خواهي جي پيش نظر پنهنجي رسالي ”بيمار عابد“ ۾ هن کي بيان فرمايو آهي:اسان به توجهه سان ٻڌون ؛ ته جيئن اسان به ڪنهن مريض جي عيادت ڪرڻ واري عظيم سنت تي عمل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريون ته مريض کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي مصيبت ۾ مبتلا ڪرڻ جو سبب نه بڻجون ۽ مريض کي به گهرجي ته ڪوڙ کان ڪم وٺڻ جي بجائي سچ جو دامن نه ڇڏي، ڪڏهن ڪڏهن جڏهن مريض کان پڇيو ويندو آهي:توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟ پوءِ طبيعت خراب هجڻ جي باوجود هن طرح جا جواب ملندا آهن (1) صحيح آهيان (2) گهڻو ٺيڪ آهيان (3) بلڪل ٺيڪ آهيان (4) طبيعت فرسٽ ڪلاس آهي (5) اي ون طبيعت آهي (6) ڪنهن به قسم جي تڪليف ناهي (7) مزي ۾ آهيان (8) ذرو برابر به ڪو مسئلو ناهي (9) هڪ دم فٽ آهيان.ان موقعي تي اهڙي طرح جا جواب ڪوڙ ۾ شمار ٿيندا آهن.ڪڏهن وري عيادت ڪرڻ وارا طِبّي معاملن کان لاعِلم هوندي به مختلف علاج ۽ ٽوٽڪا اپنائڻ جا مشوره (Suggestions) ڏيندا آهن ۽ فضول سوال ۽ ٻارن جي شور شرابي سان مريض کي بيزار ڪندا آهن، جڏهن ته عيادت ڪندي وقت مريض جي ڪيفيت جو خيال رکڻ بيحد ضروري آهي، جيڪڏهن اهو محسوس ٿئي ته اسان جي موجودگي مريض جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي رهي آهي ته جلد ئي اُٿڻ گھرجي ڇوته فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: اَفْضَلُ الْعِيادَۃِ سُرْعَۃُ الْقِيام يعني بهترين عيادت جلد اُٿي وڃڻ آهي۔ (شعب الايمان، باب في عيادۃ المريض، فصل في آداب العيادۃ،۶/ ۵۴۲، حديث: ۹۲۲۱) تنهنڪري جڏهن به مريض وٽ وڃو ته ان سان خوش اخلاقي سان پيش اچون، اهڙيون ڳالهيون ڪريون جو ان جو حوصلو بلند ٿئي ۽ رحمتِ الٰهي تي ان جي اُميد مضبوط ٿئي ۽ بيماري ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻ جون فضيلتون ٻڌايون ته جيئن مريض پنهنجي رَبِّ ڪريم جي طرفان اچڻ واري ان آزمائش تي صبر ڪندي اجر ۽ ثواب ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھي۔ موقعي جي مناسبت سان ٿي سگهي ته مريض کان سٺيون سٺيون نيتون ڪرايون، مثال طور صحتياب ٿي وڃڻ جي صورت ۾ پنج وقت باجماعت نماز