Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

جي تلقين ته ضرور ڪرڻ گھرجي، حديثِ پاڪ ۾ مرڻ وقت ڪلمو پڙھڻ واري جي لاءِ جنت جي بشارت آهي۔ حضرت معاذبن جبل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته نبي رحمت،شفيع امت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنۡ كَانَ آخِرُ كَلَامِهِ لَا اِلٰهَ اِلَّا اللّٰه دَخَلَ الۡجَنَّةَ يعني جنهن جو آخري ڪلام لَا اِلٰه اِلَّا الله هجي اهو جنَّت ۾ ويندو۔

 (ابو داود،ڪتاب الجنائز، باب في التلقين ،۳/۲۵۵ ، حديث:۳۱۱۶)

حڪيمُ الامت، حضرت مفتي احمد يار خانرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: جيتوڻيڪ سڄي عمر ڪلمو پڙھندو رهيو پر مرڻ گھڙي ڪلمو ضرور پڙھڻ گھرجي جو ان جي برڪت سان بخشش ٿيندي۔ (مراٰۃ المناجيح، ۴۴۶/۲) معلوم ٿيو ته جڏهن به ڪنهن مسلمان جو آخري وقت اچي ته ان وٽ موجود ماڻهو ڪلمو پاڪ پڙهن، الله جو ذڪر ڪن ۽ قرآن ڪريم جي تلاوت ڪن ته جيئن ان کي به ڪلمو پڙهڻ ياد اچي۔ جن ماڻهن کي موت جي سختين جي باوجود به ڪلمو پاڪ پڙهڻ نصيب ٿيندو آهي ۽ انهيء حالت ۾ ان جو رُوح نڪري ويندو آهي ته اهڙا ماڻهو گھڻا ئي خوش نصيب هوندا آهن ۔

ياد رکو:ڪنهن جي مرڻ وقت تلقين ڪرڻ جي باوجود به ان ڪلمو نه پڙهيو ته اسان اهو نه ٿا چئي سگهون ته ”ان جو خاتمو ايمان تي نه ٿيو“

عطار جي پياري جو قابلِ رشڪ وصال

           دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلس شوريٰ جا مرحوم نگران حاجي محمد مشتاق عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه ڪجھ عرصو بيمار رهيا ۽ انهيءَ بيماري ۾ سندن انتقال ٿيو۔ آخري وقت ۾ جيڪي اسلامي ڀائر ان جي ويجھو موجود هئا انهن جو چوڻ آهي ته رات جي وقت حاجي محمد مشتاق عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه جي طبيعت بگڙجڻ ۽ حالت غير ٿيڻ لڳي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه ارشاد فرمايائون ته منهنجو رُخ قبلي ڏانهن ڪري ڇڏيو، پوءِ سندن حڪم مطابق سندن جو رُخ قبلي ڏانهن ڪيو ويو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه اکيون بند ڪيون درود و سلام ۽ ڪلمي پاڪ جو وِرد ڪرڻ لڳا۔ ڪافي دير تائين پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه انهيءَ طرح ذِڪر ۽ دُرود ۾ مصروف رهيا۔ پوءِ بلند آواز سان ڪلمو پاڪ لَآاِلٰه اِلَّااللّٰه مُحَمَّدٌ