Book Name:Maraz Se Qabr Tak
دور ٿي ويندا آهن۔ زُڪام واري کي ديوانگي ۽ جنون ناهي ٿيندو ٭ جنهن کي ڪڏهن خارش ٿئي ان کي جُذام ۽ ڪوڙھ ناهي ٿيندو، زڪام ۽ خارش ۾ رب تعاليٰ جون کوڙ حڪمتون آهن۔
(مراۃ المناجيح،۶/۳۹۵)
فقيه ملّت حضرت مفتي جلالُ الدِّين امجدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه بيمارين جا فائدا بيان ڪندي لکن ٿا: بيماري کان ظاهري طور تڪليف پهچندي آهي پر حقيقت ۾ اها تمام وڏي نعمت آهي جنهن سان مومن کي اَبَدي راحت ۽ آرام جو وڏو ذخيرو هٿ ايندو آهي۔ انڪري جو اها ظاهري بيماري حقيقت ۾ روحاني بيمارين جو هڪ وڏو زبردست علاج آهي بشرط هي ته ماڻهو مومن هجي ۽ سخت کان سخت بيماري ۾ صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺي، جيڪڏهن صبر نه ڪري بلڪه جزع فزع (روڄ راڙو) ڪري ته بيماري مان ڪو معنوي (حقيقي) فائدو نه ٿيندو يعني ثواب کان محروم رهندو۔ (انوار الحديث ،ص١٩٧)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رکو! جڏهن ڪا بيماري يا تڪليف اچي ته بي صبري ۽ شڪوه شڪايت ڪرڻ، رڙيون ڪرڻ ۽ هر هڪ کي ٻڌائڻ سان مرض ته ختم ناهي ٿيندو بلڪ صبر سبب ملندڙ اجر ضائع ٿي ويندو آهي، تنهنڪري بيماري ۾ صبر جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ائين پنهنجو ذهن بڻايو ته
انسان جي هميشه هڪ جهڙي حالت ناهي رهندي۔ جيڪڏهن ڪو بيمار ٿيندو آهي ته جلد صحت ياب به ٿي ويندو آهي، ڪڏهن ڪو غم پهچندو آهي ته ان کان پوءِ ڪيئي خُوشيون به نصيب ٿينديون آهن، تنگدستي کان بعد خوشحالي به ان جو مقدر بڻجندي آهي پر مسلمان کي هر حال ۾ صبر ۽ شڪر سان رضاءِ الهي تي راضي رهندي زندگي گذارڻ گھرجي۔ اچو پنهنجي پروردگار عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ دعا ڪريون ٿا ....
وہ بچارے کہ بیمار ہیں جو جنّ و جادو سے بیزار ہیں جو
اپنی رحمت سے ان کو شفا کی میرے مولیٰ تُو خیرات دیدے