Book Name:Maraz Se Qabr Tak

                                                (المعجم الڪبير،۱۱/۱۴۸، حديث:۱۱۴۳۸)

٭  ارشاد فرمايائون: مسلمان کي بيماري، پريشاني، رنج، تڪليف ۽ غم مان جيڪا مصيبت پهچندي آهي ايتري تائين جو ڪنڊو به چُڀندو آهي ته اللہ  عَزَّوَجَلَّ ان (مصيبت) کي سندس گناهن جو ڪفّارو بڻائي ڇڏيندو آهي.“

(بخاري، ڪتاب المرضي، باب ماجاء في ڪفارۃ المرض،۴/۳،حديث:۵۶۴۱)

چشم کرم ہو ایسی کہ مِٹ جائے ہر خطا  کوئی گناہ مجھ سے نہ شیطاں کرا سکے

ہے صبر تو خزانۂ فردوس بھائیو!    عاشق کے لَب پہ شکوہ کبھی بھی نہ آسکے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مُهلڪ (ماريندڙ) بيمارين کان بچاؤ    

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته بيماري ۾ صبر ڪرڻ وڏي اجر ۽ ثواب جو ڪم آهي ۽ بيمار شخص جي لاءِ ڪيتريون ئي خوشخبريون آهن جو بيماري سبب گناھ معاف ٿيندا آهن ايستائين جو پيرن ۾ ڪنڊو چُڀي ته اهو به گناهن جو ڪفارو بڻجي ويندو آهي، ياد رکو! دُنيا جي ٻين مذهبن ۾ بيماري کي رڳو آفت ۽ مصيبت ئي سمجھيو ويندو آهي جڏهن ته دينِ اسلام اهڙو پيارو مذهب آهي جو جتي صحت ۽ تندرستي کي نعمت قرار ڏي ٿو اتي بيمارين ۽ تڪليفن کي به رحمت سان تعبير ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته بيماريون جتي گناهن کي بخشائڻ جو ذريعو آهن اتي ڪجهه معمولي بيماريون مهلڪ بيمارين کان بچاؤ جو ذريعو به هونديون آهن۔ جيئن ته حڪيمُ الامت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: ٭ زُڪام بيماري نه آهي بلڪ دماغي بيمارين جو علاج آهي۔ ان سان ڪيئي مرض دور ٿي ويندا آهن۔ زُڪام واري کي ديوانگي ۽ جنون ناهي ٿيندو ٭ جنهن کي ڪڏهن خارش ٿئي ان کي جُذام ۽ ڪوڙھ ناهي ٿيندو، زڪام ۽ خارش ۾ رب تعاليٰ جون کوڙ حڪمتون آهن۔ (مراۃ المناجيح،۶/۳۹۵)

فقيه ملّت حضرت مفتي جلالُ الدِّين امجدي رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰى عَلَيْه بيمارين جا فائدا