Book Name:Maraz Se Qabr Tak

يا مُردي کان اجائي خوف جي ڪري ميت جي گھروارن مان ڪو غسل ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي ٿيندو, ته پوءِ ڪو اهڙو شخص غسل ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌندو آهي جيڪو سُنَّتن ۽ آداب کان ناواقف هوندو آهي ۽ وڏي بي دردي سان ميت کي غسل ڏئي هلڻ جي ڪندو آهي، جڏهن ته مردي کي غسل ڏيڻ وقت وڏي احتياط ۽ نرمي ڪرڻ گھرجي، حضرت سَيدُنا سُفيان ثوري رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰى عَلَيْه کان روايت آهي ته مرڻ وارو هر شيء کي ڄاڻيندو آهي ايستائين جو غسل ڏيندڙ کي چوندو آهي تو کي خُداءِ رحمٰن جو قسم آهي تون غسل ۾ مون سان نرمي ڪر۔ (شرح الصدور، ص۹۵)

غُسل دینے کے لیے غسّال بھی اب آ چکا

غُسلِ میّت ہو رہا ہے اور کفن تیار ہے

یا نبی پانی سے سارا جسم میرا دُھل گیا

نامۂ اعمال کو بھی غُسل اب درکار ہے

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص479)

 

             مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هئڻ ته ائين کپي ها ته پنهنجي گھر جي ميت کي اسان پاڻ ئي سُنَّت جي مطابق غسل ۽ ڪفن ڏيون ها، پر افسوس! اسان پنهنجو مستقبل بهتر بنائڻ ۽ اعليٰ دُنياوي تعليم حاصل ڪرڻ تي ئي توجھ ڏنو ۽ علمِ دين کان محروم رهياسين، سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۾ ئي پنهنجو قيمتي وقت برباد ڪيو، مختلف ايپلي ڪيشنز (Applications) هلائڻ ته سکي ورتو پر علم دين نه سکيو،گراهڪ کي خراب مال ڪيئن ڏيڻو آهي،اهو ته سکي ورتو پر نماز پڙهڻ نه سکي، دنياوي منصب ماڻڻ جي لاءِ وڏن وڏن تعليمي ادارن ۾ لکين روپيا ته خرچ ڪري ڇڏيا پر قرآن ڪريم پڙهڻ نه سکيو، اهڙي طرح غورڪندا وڃو، ڇا ڇا سکيو ڇا نه سکيو اڄ پنهنجي ماءُ پيءُ ڀيڻ ڀاءُ يا قريبي رشتيدارن جو جنازو نٿا پڙهائي سگھون، سنت جي مطابق انهن جي ڪفن دفن جي ترڪيب نٿا ڪري سگھون، قرآنِ پاڪ پڙھي انهن کي ايصالِ ثواب نٿا ڪري سگھون، ڇوته اهو سڀ ڪجهه ايندو هجي ته اسان ڪيون نه،اسان کي ته بس اها