Book Name:Maraz Se Qabr Tak

ابُوسفيان رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه) جو انتقال ٿيو ته انهن پنهنجن ڳِلن تي خُوشبو لڳائي ۽ چيائون مون کي ان جي ضرورت نه هئي، صرف حضور صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم جي تعميل مَقصد هئي۔                      (ابو داود، ڪتاب الطلاق،باب احدادالمتوفي عنهازوجھا، ج۲،ص۴۲۲، الحديث:۲۲۹۹)

سرد خاني ۾ رکائڻ

 ڪنهن جي فوت ٿيڻ تي خلافِ شريعت ڪمن مان هڪ رواج هي به عام ٿيندو پيو وڃي ته ميت جو پٽ وغيره شهر يا ملڪ کان ٻاهر هجن ته هي سوچي انهن جو انتظار (Wait) ڪيو ويندو آهي ته جيڪڏهن پٽ جنازي ۾ شريڪ نه ٿيندو ته جنازو ڪيئن ٿيندو۔ ماڻهو ڇا چوندا،اولاد ايتري بي وفا نڪتي آهي جو پيءُ جي جنازي ۾ به شامل نه ٿيو، تنهنڪري ان کي پهچڻ ڏيو، حالانڪ ان وقت ٻيا پٽ، ڌيئرون ڀيڻ ڀائر سڀ گھرن ۾ موجود هوندا آهن ۽ ان اچڻ واري کي موڪلون نه ملڻ، يا گاڏي/فلائٽ وغيره ليٽ ٿيڻ جي ڪري ڪافي دير ٿي ويندي آهي۔ اهڙي صورت ۾ ويچاري مردي تي جيڪو ظلم ڪيو ويندو آهي اهو ڪنهن سان لڪيل ناهي،ان بيوس ميت جي جسم کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي ته ان کي ڪولڊ اسٽوريج (سرد خاني) ۾ کرايو ويندو آهي، جنهن سان اهو لاش (Dead body) برف بڻجي ويندو آهي ۽ مردي کي ان سان سخت تڪليف ٿيندي آهي۔

 ٿورو غور ڪريو ته جڏهن اهو زندهه هو ۽ ان کي ڪا تڪليف پهچندي هئي ته سڀئي گھر وارا بي چين ٿي ويندا هئا، ان جي بيماري ۾ سڄي سڄي رات جاڳي ان جي سراندي ويهي گذاريندا هئا۔ ان کي ڪو ڪنڊو لڳندو هو ته ان جي تڪليف خود محسوس ڪندا هئا پر مرڻ کان پوءِ ان جي تمام محبتن

کي فراموش ڪري خبر ناهي ڪيئن ويچاري کي سَرد خاني ۾ رکرائڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن۔

غسل جي وقت مردي کي تڪليف ڏيڻ

اهڙي طرح جڏهن غسل ڏيڻ جو مرحلو ايندو آهي ته علم دين کان محرومي