Book Name:Maraz Se Qabr Tak

٭  نزع جي وقت مريض وٽ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ گھرجي۔

٭  مريض وٽ ويهي ذڪر اللہ  جو ورد ۽ ڪلمي شريف جي تلقين ڪرڻ گھرجي۔

٭  غسل ڏيڻ وقت نرمي نه ڪرڻ ۽ ميت کي سرد خاني ۾ رکرائڻ مردي جي لاءِ تڪليف جوعمل آهن۔

٭  مرڻ کان بعد پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي خير خواهي ڪندي ايصال ثواب ڪرڻ سان نه صرف اسان جي نيڪين ۾ اضافو ٿيندو آهي بلڪ مرڻ واري کي ان جا فائدا (Benefits) حاصل ٿيندا آهن۔

اللہ  ڪريم اسان کي انهن مدني گلن کي ياد رکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔           اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

فوت ٿيلن مسلمانن جي بخشش جي دعا:

اللّٰھُمَّ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَ لِاِخْوَانِنَا الَّذِیْنَ سَبَقُوْنَا بِالْاِیْمَانِ وَ لَا تَجْعَلْ فِیْ قُلُوْبِنَا غِلًّا لِّلَّذِیْنَ اٰمَنُوْا رَبَّنَاۤ اِنَّكَ رَءُوْفٌ رَّحِیْمٌ۠(۱۰)

ترجمو: اي اللہ !اي اسان جا رب !اسان کي  ۽ اسان جي هنن ڀائرن کي بخشي ڇڏ جن اسان کان اڳي ايمان آنڌو ۽ اسان جي دل ۾ ايمان وارن جي لاءِ ڪو به ڪينو نه رک،اي اسان جا رب!بيشڪ تون نهايت مهربان، وڏي رحمت وارو آهين.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽