Book Name:Maraz Se Qabr Tak

اِجتِماع ۾ پابندي سان حاضِر ٿيڻ جي نِيت ڪريو۔ جيئن ته

اجتماع جي برڪت سان نيڪ بڻجي ويو

مَرڪزُ الاَولِيا (لاهور) جو هڪ اِسلامي ڀاءُ گُناهن جي وادِين ۾ گم هو ان جي اسڪول جي زماني ۾ هڪ اِسلامي ڀاءُ اَڪثَر ان جي وڏي ڀاءُ سان ملڻ ايندو هو، هڪ ڏينهن اُن دعوتِ اِسلامي جي هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي دَعوت پيش ڪئي۔ هي ان جي دَعوَت تي سُنَّتن ڀري اِجتِماع ۾ وڃي پهتو، ان کي اهو گھڻو وڻيو، پوءِ ان پابندي سان وڃڻ شُرُوع ڪيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان ان نمازن جي پابندي شُروع ڪئي۔ عِمامو شريف به سَجائي ورتو، جنهن سبب گھر جي ڪن ڀاتين سَختي سان مُخالفَت ڪئي پر مَدَني ماحول جي ڪشِش ۽ عاشِقانِ رَسُول جو حُسنِ سُلُوڪ انهن کي دعوتِ اِسلامي سان ويتر ويجھو ڪندو ويو، مڪتبةُ المدينه تان جاري ٿيندڙ سُنَّتن ڀري بَيانن جون ڪيسٽون ٻڌڻ سان تسلي ملي ۽ حوصلو وڌندو ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ آهستي آهستي انهن جي گھر ۾ به مَدَني ماحول بڻجي ويو۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر   گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ميت تي نوحو (ماتم) ڪرڻ

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن ڪنهن جو انتقال ٿي وڃي ته ڪڏهن

ڪڏهن ان موقعي تي ڪيئي خلافِ شريعت ڪمن جو اِرتِڪاب ڪيو ويندو آهي، جن مان هڪ نوحو ڪرڻ يعني ميت جون خوبيون مبالغي سان گڏ (گهڻو وڌائي) بيان ڪري آواز سان روئڻ جنهن کي ”بين“ به چوندا آهن اهو بِالاِجماع حرام آهي۔ ائين واوَيلا، هاءِ مصيبت چِئي رڙيون ڪرڻ، گَرِبيان ڦاڙڻ، مُنهن پٽڻ، وار کولڻ، مٿي تي خاڪ وجھڻ، سينو پٽڻ، ران تي هٿ هڻڻ، اهي سڀ جاهليت جا ڪم ۽ حرام آهن، آواز سان روئڻ منع آهي ۽ آواز وڏو نه هجي ته ان جي منع نه آهي۔ (بهارِ شريعت،۱/۸۵۴،۸۵۵، بتغير قليل) ميت تي روئڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته بي